چمڙي

چمڙي

چمڙي

چمڙي (Skin): چمڙي انسان جي جسم جو وڏي ۾ وڏو عضوو آهي. چمڙي لچڪيدار ڌاڳن (Fibro Elastic) جي هڪ وڏي مضبوط ڇِھہ (Membrane) جي ٺهيل آهي. چمڙي انسان جي جسم کي پيرن جي ننهن کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين ويڙهي بہ ٿي ۽ اندرين ٻاهرن عضون جي حفاظت جو ذريعو بہ آهي. چمڙي انسان جي سونهن سوڀيا جو ڏيک بہ ڏئي ٿي ۽ ڪيترين بيمارين جي سڃاڻپ جي علامت بہ بڻجي ٿي.
(الف) چمڙيءَ جي بناوت (Structure of Skin): چمڙيءَ جي بناوت ڪيترن ننڍن ۽ وڏن عضون تي ٻڌل آهي؛ جن ۾ چمڙيءَ جو مٿيون تھہ (Epidermis)، هـيٺيـون تـھہ (Dermis)، اُڀـار نـمـا نـنـڍڙيــون ڳــوڙهيـون (Papillae)، چرٻي (Subcutaneous)، رت جون ناڙيون (Blood Vessels)، مختلف قسمن جا غدود (Glands)، وار (Hairs) ۽ ننهن (Nails) اچي وڃن ٿا. هيٺ انهن تي پيرائتي روشني وجهجي ٿي:
1. چمڙيءَ جو مٿيون تھہ Epidermis (Cuticle, Cuticula): هي چمڙيءَ جي مٿاڇري وارو ٻاهريون تھہ (Epithelial Layer) آهي، جيڪو هڪ ٻئي مٿان ڪيترن سٿيل تھن (پردن:(Stratified Epithelium تي ٻڌل آهي، جيڪي تھہ پنھنجي ٿولھہ جي حساب سان جسم جي مختلف حصن ۾ ڪٿي سنها تہ ڪٿي وڌيڪ ٿلها ٿين ٿا، جيئن هٿن جي ترين جي مٿاڇري ۽ پيرن جي ترين وارو تھہ (کل) جسم جي ٻين عضون جي مٿئين تھہ کان وڌيڪ ٿلهو ۽ ڪجهہ سخت ٿئي ٿو، جو هي مٿيون تھہ ڪيترن جيو گهرڙن (Cells) تي ٻڌل آهي. هيءُ وري ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ مٿي اڀرندڙ تھہ جنهن کي (Germinative) چئبو آهي، ٻيو سڱن جهڙو اڀريل ٿلهو تھہ، جنهن کي(Thick Horny Layer) چئبو آهي.
2. چمڙيءَ جو هيٺيون تھہ (Dermis Corium, Cutis Vera): چمڙيءَ جو هي (هيٺيون) تھہ وڏي اهميت ۽ خاصيت وارو آهي. هن تھہ جي ٿولھہ 1.69 کان 2.27 ملي ميٽر هوندي آهي. هي تھہ سخت پر لچڪيدار آهي ۽ اڇي رنگ جي ڌاڳن واري (White Fibrous) ڳنڍيندڙ اوڄن (Conncective Tissues) جو ٺهيل آهي. چمڙيءَ جي هن تھہ مان چمڙيءَ جا ٻيا ڪيترا حصا (عضوا) اڀرن ٿا، جيئن اڀارنما ننڍڙيون ڳوڙهيون، رت جون ٻنهي قسمن جون ناڙيون (نسون ۽ رڳون)، پگهر جا غدود ۽ انهن جون ناڙيون ۽ وارن جون پاڙون وغيرہ اچي وڃن ٿا.
چمڙيءَ جو هي هيٺيون تھہ لچڪيدار هئڻ جي باوجود هن تھہ کي وڌيڪ ڇڪ آئي تہ ڇُڙڪي پوندو آهي ۽ ٻيهر واپس مِڙي پنھنجي اصلي صورت ۾ نہ بيهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ويم دوران جڏهن پيٽ جي چمڙيءَ جي هن تھہ کي حد کان وڌيڪ ڇڪ ايندي آهي تہ هن تھہ جي لچڪ ختم ٿي ويندي آهي، ان ڪري ٻار جي ڄڻڻ کان پوءِ پيٽ جي کل هر ڀيري وڌيڪ ڇڙڪي پوندي آهي ۽ پيٽ هر ڀيري اڳ کان وڌيڪ لڙڪي ٻاهر نڪري ايندو آهي.
3. اڀارنما ننڍڙيون ڳوڙهيون (Papillae): هي چمڙيءَ جون اڀارنما ڳوڙهيون چمڙيءَ جي هيٺين تھہ مان اڀري چمڙيءَ جي مٿين تھہ ڏي اينديون آهن. هڪ نوجوان جسم ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ ڳوڙهيون ٿين ٿيون. هي ڳوڙهيون ٻنهي قسمن جي رت جي ناڙين (نسن ۽ رڳن) سان جڙيل آهن. جڏهن هي اڀارنما ڳوڙهيون چمڙيءَ ڏانهن مٿي اچن ٿيون تہ مٿئين تھہ جي هيٺان مٿان پـکـڙجـي وڃـن ٿيـون. ڪـٿي هـي ڳـوڙهـيون نـرم، ڪـٿـي سـخـت تہ وري ڪٿي سخت لڪيرن جي شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿيون؛ جيئن هٿن جي آڱرين ۽ آڱوٺن جي چوٽيءَ تي سخت لڪيرن جي شڪل وٺي بيهنديون آهن. هي لـڪـيـرون هـر هـڪ انـسـان جـي آڱـوٺن ۾ مـختـلـف شـڪـل جـون هونديون آهـن. انـهـن لڪـيـرن جـي نشـان جـي آڌار تي پوليس يا جـرميـات شعبي (Crimnology Department) جا ماهر يا جاچ ڪندڙ عملو ڏوهي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ڪندو آهي.
4. چرٻي ٺاهيندڙ غدود (Sebaceous Gland): چرٻي ٺاهيندڙ غدود گهُگهِيءَ جي شڪل (Flask Shape) جا ٿيندا آهن. هي غدود پنھنجي خاص قسم جي چرٻي (sebum) جي پاڙن وارين ٿيلهين (Hair Follicles) ۾ خارج ڪندا آهن. هونئن تہ هي غدود ماڻهوءَ جي جسم جي سڄي چمڙيءَ ۾ پکڙيل هوندا آهن.
سواءِ هٿن پيرن جي ترين جي، جتي هي غدود نہ ٿيندا آهن، پر سڄي جسم کل ۾ هي غدود ڪيپراٽيءَ جي کل، منهن، نڪ، وات ۽ ڪنن جي ٻاهران چوڌاري، بغل ۽ نريءَ ۾ وڌ ۾ وڌ گهڻي تعداد ۾ ٿيندا آهن. هن سڻڀ جي ڪري خاص طور مٿي جا وار نرم، سهڻا، گهاٽا ۽ چلڪندڙ ٿيندا آهن. ان کان سواءِ هن سڻڀ جي خارج ٿيڻ سان هڪ طرف چمڙي جيتن ۽ جيوڙن جي زهريلي اثر ۽ پڪريز کان بچي ويندي آهي تہ ٻئي طرف خشڪ ٿي بچي ويندي آهي.
جوانيءَ ۾ هي سڻڀ پنهنجو فعل وڌائي ڇڏيندو آهي، ٻاروتڻ ۾ هن جو فعل جوانيءَ کان گهڻو گهٽ هوندو آهي، پر جڏهن پيري ايندي آهي، تہ عمر جي حساب سان پنهنجو ڪم گهٽائيندو ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جوانيءَ ۾ جڏهن هن سڻڀ جو فعل عروج تي هوندو آهي تہ ماڻهو جي مٿي جا وار تہ گهاٽا، سھڻا ۽ چلڪندڙ ٿيندا آهن، پر ماڻهوءَ جو چهرو بہ چمڪدار، سهڻو، سوڀيا ۽ ڪشش وارو ٿيندو آهي. پيريءَ ۾ سڻڀ پنهنجو فعل گهٽ يا بند ڪري ڇڏيندو آهي تہ نتيجي طور ماڻهوءَ جا وار ڇڻي ويندا آهن ۽ انهن مان چمڪ گهٽ ٿي ويندي آهي.
1. رت جون ناڙيون (Blood Vessels): رت جي ناڙين جو چمڙيءَ جي مٿين تھہ جي هيٺان وارن نلين (Capillaries) جو هڪ وڏو ڄار (Papillaes)، پگهر جي غدودن، چرٻيءَ وارن غدودن، وارن جي پاڙن ۾ موجود ٿيلهين Follicles ۽ چمڙي جي هيٺين تھہ کي رت پهچائي ٿو. ٻار اڃا پنجن مهينن جو ڳڀ Embryo هوندو آهي تہ رت جون ناڙيون ٺھڻ شروع ٿينديون آهن، جيڪي هڪ اندازي مطابق ٻار جي جوانيءَ تائين وڌي هڪ چورس انچ ۾ لڳ ڀڳ 2685 ٿين ٿيون. هڪ ناڙيءَ جي ڊيگهه هڪ انچ جي چوٿين حصي جيتري ٿئي ٿي. انهن سڀني ناڙين جي ڊيگهہ هڪ بالغ ماڻهو ۾ 12 ڪلوميٽرن کان بہ وڌيڪ ٿئي ٿي. رت جون ناڙيون چمڙيءَ جي مٿين تھہ (Epidermis) ۾ نہ ٿينديون آهن.
2. حِس دار خابرو تنتن جون پڇڙيون (Sensory Nerve Endings): دماغ کان نڪرندڙ خابرون تنتن جون پڇڙيون (Endings) چمڙيءَ جي هيٺين تھہ (Dermis) ۾ گهڻي مقدار ۾ پکڙيل آهن. انهن خابرو تنتن ذريعي دماغ ڏانهن ڇُهاءُ، دٻاءَ، سور، سردي ۽ گرميءَ جو احساس پهچندو آهي.
3. پگهر جا غدود (Sweat Glands): پگهر جا غدود سڄي چمڙيءَ ۾ پکڙيل آهن، پر انهن جي گهڻائي هٿن ۽ پيرن جي ترين جي چمڙيءَ ۽ ڪڇ جي چمڙيءَ ۾ گهڻي ٿيندي آهي. پگهر جا غدود چرٻيءَ وارن تھن (پردن) مان ٺهيل آهن، جيڪي چرٻيءَ جي اوڄن (Sebaceous Tissues) سان جڙيل هوندا آهن. هنن مان ڪجهہ غدودن جون پڇڙيون چمڙيءَ جي مٿين تھہ جي سوراخن (Pores) تائين اينديون آهن ۽ ڪجهہ غدودن جون پڇڙيون وارن جي ٿيلهين جي پاڙ تائين اينديون آهن. هنن غدودن مان جيڪي بغل ۾ ٿين ٿا، انهن مان هڪ خاص قسم جي پاڻيٺ ڳڙندي آهي، جنهنڪري ماڻهوءَ جي بغلن ۾ بدبوءِ گهٽ ٿيندي آهي، پر اهي بغل وارا غدود درست ڪم نہ ڪن ۽ انهن ۾ ڪنهن خاص قسم جي ابتري پيدا ٿئي تہ بغل جي پگهر مان ڪني ڇٽ ايندي آهي، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ بغل جو نزلو چيو ويندو آهي.
پگهر جي غدودن جي فعل سان ئي جسم جي اندر جي واڌو گرمي ۽ جسم جي مختلف تھن مان جسم جو گندو پاڻي چمڙيءَ کان ٻاهر نڪرندو آهي. هنن غدودن جي ڪري ماڻهوءَ جي جسم جي گرميءَ جو پد برقرار رهندو آهي.
4. وار (Hairs): چرٻيءَ وارن اوڄن/ وارن جي ٿيلهين (Hair Follicles) جي هيٺان گهڻي مقدار ۾ خاص قسم جا جيو گهرڙا (Cells) ٿين ٿا، جن کي Bulb چئبو آهي ۽ اهي جيوگهرڙا وار ٺاهيندا آهن ۽ جيئن جيئن هي جيوگهرڙا وار ٺاهيندا آهن تہ اهي وار پنھنجي خوراڪ جي نتيجي ۾ اوسر (واڌ ويجهہ) ڪري مٿي چمڙيءَ تي اڀري ايندا آهن. ياد رهي تہ وارن جو رنگ هڪ خاص مادي Melanin مان جڙندو آهي؛ جنهن جو گهڻو واسطو رنگ ۽ نسل سان Genetically هوندو آهي.
5. ننهن (Nails): انسان جي نَنهن جانورن جي کُر ۽ پکين جي چنبن جي ننهن جو ڪارج هڪ ئي آهي. ننهن هٿن پيرن جي آڱرين جي چوٽين کي مضبوط بڻائين ٿا. پکين ۾ ننهن تہ خوراڪ حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن. ماڻهوءَ ۾ ننهن جي پاڙ چمڙيءَ ۾ کتل ۽ چمڙيءَ جي مٿين تھہ (Cuticle) سان ڍڪيل هوندي آهي. ننهن چمڙيءَ جي مٿين تھہ (Epidermis) جي ڦٽندڙ حصي (Germinative Zone) مان ٺھي ٻاهر نڪرندا آهن. پيرن جي ننهن جي مقابلي ۾ هٿن جا ننهن تمام تڪڙا وڌندا آهن ۽ سرديءَ جي موسم جي مقابلي ۾ گرميءَ جي موسم ۾ وڌيڪ هوندا آهن.
چمڙيءَ جو فعل (Function of Skin): انساني جسم ۾ چمڙيءَ جا هڪ ئي وقت ڪيترا ڪم آهن. چمڙي جسم جي اندرين ۽ ٻاهرين گرمي پد تي ضابطو آڻي ٿي، سردي ۽ گرميءَ کي انساني جسم لاءِ گهربل مقدار ۾ هڪ ڪرو ڪري ٿي، جسم جي اندرين توڻي ٻاهرين عضون جي حفاظت ڪري ٿي، جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيڻ نہ ڏيندي آهي. جسم ۾ اندر ڪيترن زهريلن ۽ فضول مادن کي يا تہ چُهي (Absorb/ Phygocyte) وڃي ٿي يا کين پگهر جي ذريعي جسم کان ٻاهر ڪڍي ٿي، تنهن کان سواءِ جسم جو حسي (حرڪي) نظام برقرار رکي ٿي ۽ جسم اندر وٽامن ڊي ٺاهڻ جو بہ ذريعو آهي.
جسم ۾ گرميءَ جو پد برقرار رکڻ (Regulation of body Temprature): چمڙي انسان جي جسم جي گرميءَ جي قدرتي پد (36.8) کي برقرار رکي ٿي. چمڙي پنھنجي ٻٽي عمل هيٺ هڪ Vasodilation ۽ ٻيو Vaso Constriction ذريعي گرميءَ جي پد کي جسم ۾ برقرار رکڻ جو عمل ڪري ٿي، جيڪو فعل چمڙيءَ جي مٿين تھہ (Epidermis) ۾ ٿئي ٿو. چمڙي پنھنجي هن فعل ذريعي هيٺين طريقن سان گرميءَ جي پد کي جسم ۾ هڪ ڪرو (36.8) ڪري برقرار رکي ٿي:
1. پگهر (Sweat): پگهر جسم مان واڌو گرميءَ کي خارج ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي. هڪ اندازي مطابق پگهر وارا غدود روزانو لڳ ڀڳ جسم مان 2000 ملي ليٽر تائين پگهر خارج ڪن ٿا.
2. تحليل ٿيڻ (Evaporation): گهڻي مقدار ۾ جسم جي واڌو گرمي جسم مان اندران آلاڻ/ نمي (Moisture) بڻجي جسم جي مٿاڇري تي اچي خارج ٿيندي آهي.
3. گرميءَ جو پسرڻ (پکڙجڻ) (Conduction): ڪيترن ڪپڙن پائڻ سان جسم جي واڌو گرمي انهن ۾ جذب ٿي ويندي آهي. جھڙوڪ: اڇي ۽ سائي رنگ جا ڪپڙا، ململ يا کادِي وغيرہ جا ڪپڙا.
(ب) Vaso Constriction: چمڙي هن فعل هيٺ ٻٽو ڪم ڪندي آهي. هڪ تہ جسم جي اندر عضون جي ڪم ڪرڻ، چرپر ۽ رت جي دوري دوران، يا بيماريءَ جي نتيجي ۾ جيڪا اضافي گرمي پيدا ٿيندي آهي تہ ان کي ڦڦڙن ذريعي، ڪاڪوس ۽ پيشاب جي ذريعي خارج ڪندي آهي. ان جو ٻيو فعل هي آهي تہ وقت ضرورت (سرديءَ جي حالت يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري) گرميءَ کي جسم ۾ جذب ڪري گرميءَ جي قدرتي مقرر پد (36.8) جو پورائو ڪري ٿي.
چمڙيءَ کانسواءِ ڪرنگهو spine بہ چمڙيءَ جي مدد سان گرميءَ جي پد کي قائم رکندو آهي. اهو ئي سبب آهي تہ جڏهن دماغ جي واڌو گرميءَ جي ڪري نڪهري (Epistaxis) ايندي آهي تہ ڪرنگهي تي ڪنڌ واري جاءِ وٽ ٿڌي پاڻيءَ جي لاٽ ڪرڻ سان نڪهري بند ٿي ويندي آهي.
2. عضون جو بچاءُ (Protection of Organs): انساني اندرين عضون جي بچاءَ واري نظام جو فعل چمڙيءَ جي ٻنهي تھن جي ذمي آهي. مٿين تھہ جي فطري خاصيت جي ڪري هي تھہ ٿلهو هئڻ ڪري ان اندر ڪنهن ٻاهرين شيءِ کي داخل ٿيڻ کان جهلڻ (Impermeability) جي خاصيت ۽ گهڻن سٿيل تھن (Stratified Epithelium) جي ڪري اندرين عضون کي نقصان کان بچائين ٿا؛ چمڙيءَ جو مٿيون تھہ انهن خاصيتن جي ڪري زهريلن جيوڙن کي چمڙيءَ ۾ اندر داخل ٿيڻ نہ ٿو ڏئي، نہ ٻاهرئين پاڻيءَ کي جسم ۾ اندر داخل ٿيڻ ڏئي ٿو. چمڙيءَ جو مٿيون تھہ پنھنجي هن خاصيت ڪري پاڻي نہ چهندڙ Water Proof وارو ڪم ڏئي ٿو.
اهڙيءَ طرح چمڙيءَ جو هيٺيون تھہ (Dermis Corium) سخت ۽ لچڪيدار هئڻ ۽ چرٻي وارن اوڄن ۽ ڪيترن ڌاڳيدار اوڄن جي ڪري بہ جسم جي مشڪن، رڳن ۽ رت جي ناڙين کي ڪنهن ٻاهرين ڌڪ لڳڻ ۽ زخم اچڻ کان بچائي ٿو. ان کان سواءِ چمڙيءَ جي وڏي ۾ وڏي بچاءَ واري خاصيت اها آهي تہ مٿي تي گهڻي کان گهڻا وار پيدا ٿيڻ ڪري مٿي جي کل ۽ ڪيپراٽيءَ جو وڌ ۾ وڌ بچاءُ ٿئي ٿو، جيڪو ڪم چرٻي پيدا ڪرڻ وارا اوڄا چرٻيءَ واري لعاب (سڻڀ: Sebum) جي ڪري ڪري سگهندا آهن.
4. حس وارو (خابرو) فعل (Sensoury Function): چمڙي دماغ سان ٻارهن خاص تنتي سرشتن جي ٽن تنتي سرشتن هڪ حسي (خابرو) تنتي سرشتي جي تنتن (Sensory Nerves)، ٻيو حرڪي تنتي سرشتي جي تنتن (Motor Nerves) ۽ ٽيون گڏيل تنتي سرشتي جي تنتن (Mixed Nerves) وسيلي ڳنڍيل آهي. اهو ئي سبب اهي تہ چمڙيءَ ۾ ڇهڻ، ٿڌ، گرمي ۽ سور جي احساس جو وڏو ۽ تڪڙو نظام جڙيل آهي. چمڙيءَ ۾ لاتعداد اهڙيون حسي (خابرو) جايون (Sensory Spots) موجود آهن، جيڪي مٿين ٽنهي قسم جي تنتي پڇڙين (Nerve Endings) جي ذريعي دماغ سان ڳنڍيل آهن. جيڪي دماغ کي ڇهڻ، ٿڌ، گرميءَ ۽ سور جي احساس جو اطلاع ڏينديون بہ آهن ۽ واپسيءَ ۾ دماغ کان گهربل بچاءُ وغيرہ جون هدايتون وٺنديون رهنديون آهن.
5. وٽامن ڊي جي صلاحيت جو ڪم (Vitamin D): وٽامن ڊي جا مکيہ ٽي قسم آهن، هڪ قدرتي وٽامن ڊي (Natural Vitamin D) ٻيو وٽامن D2 (Calciferol) ۽ ٽيون وٽامن (Irradiated Ergosteral) D3. قدرتي وٽامن ڊي کي چمڙي سج جي روشني ۽ ٻين هٿرادو روشنين مان حاصل ڪندي آهي. مڙيءَ ۾ هڪ مادو ‘Dehydrocholestrol’ ٿئي ٿو، جيڪو هن مادي کي مڇي، مڇيءَ جي تيل، بيدي ۽ مکڻ مان قوت بخشي ٿو. قدرتي طرح سج جي روشني (گرمي) اس ۾ ڪم ڪار ڪندڙنماڻهن (مزدورن، ڪڙمين ۽ ڪاسبين) ۾ وٽان ڊي جو مقدار ڇانوَ ۾ ڪم ڪندڙن، ٿڌن ڪمرن ۽ ايئر ڪنڊيشن ۾ رهندڙن ۽ سمهندڙن ماڻهن کان وڌيڪ ٿئي ٿو. ڪيلشيم گرميءَ جو ترياق (توڙ: Antidote) آهي، جيڪو اس ۾ ڪم ڪندڙن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو.
وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم جي گڏيل ڪارڪردگيءَ جي ڪري انساني جسم جي هڏن جي واڌ ويجهه ٿئي ٿي ۽ قوت ملي ٿي. جن ٻارن ۾ ٻنهي عنصرن جي گهٽتائي آهي (خاص ڪري وٽامن ڊي جي تہ انهن ٻارن جي جسم جا هڏا ڪمزور، ڀرڻا ٿيندا آهن. وٽامن ڊيءَ جي گهٽتائي ڪري ننڍن ٻارن کي هڏن جي سوڪهڙي جي بيماري (Rickets) بہ ٿي پوندي آهي ۽ ڪيلشيم جي گهٽتائي ڪري ڪيترن ٻارن جا هڏا ڪمزور، نرم ٿي ويندا ۽ گهڻي زور اچڻ تي مڙي يا ٽٽي پوندا آهن. ٻارن جي سيني جو هڏو ٻاهر نڪري ايندو آهي، جنهن کي ڪبوتر واري ڇاتي (Pigeon Chest) چئبو آهي ۽ ائين ڪرنگهي جي هڏي نرم ۽ ڪمزور هجڻ ڪري مڙي (چٻي) ويندي آهي، جنهن کي ميڊيڪل سائنس ۾ ‘Curvature of Spine’ چيو ويندو آهي. ڪيلشيم جي گهٽتائيءَ ڪري ٻارن جا ڏند دير سان ڄمندا يا ٽيڏا ڄمندا آهن. يا انهن کي ماڪوڙي جلدي لڳندي آهي. وڏن ماڻهن ۾ هڏن جي جڳ مشھور بيماري هڏن جو سور (Osteo Arthrific) ٿيندي آهي. عورتن ۾ سنڌن ۽ چيلھہ جو سور (ڪرنگهي جي هڏيءَ جي ڪمزوريءَ ڪري) ۽ عورتن ۾ ويم کانپوءِ هڏن جي ڀرڻ (ٽٽڻ) جي بيماري (Osteoprosis) جام ٿئي ٿي


لفظ چمڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو