
چمٽو
چمٽو: ٽانڊي کـڻـڻ لاءِ هـڪ قـسـم جـو لوهي اوزار، جنهن کي دست پناھہ بہ چئبو آهي. چمٽي سان ٽانڊي کان سواءِ ٻيون شيون بہ کڻي سگهجن ٿيون. هي لوھہ جي ٻن ملايل پٽين تي مشتمل هوندو يا هڪ مڙيل پٽيءَ مان ٺهيل هوندو آهي.
هيءُ پنجاب جو عوامي ساز آهي، جيڪو ڊيگهہ ۾ هڪ وال کان ڪجهہ سوايو ٿئي ٿو. چمٽو رڪ جي ½ انچ کن ويڪري پٽي (پٽ) وچ ۾ مڙيل ٿئي. هن جا هڪ کان وڌيڪ سُر وڄڻ وقت تال ۾ ڏاڍي سونهن پيدا ڪندا آهن. هي ساز ٻنهي هٿن سان وڄائبو آهي، هن جي ٻنهي مڙيل پٽين کي ملائڻ سان ’باج‘ ٿيندي آهي، ۽ ڍر ڏيڻ سان ٻانھون الڳ ٿيو وڃن. چيو وڃي ٿو تہ هي ساز خانہ بدوشن جي ايجاد آهي، اُهي سياري ۾ پڙاءُ دوران مچ ۾ چمٽي سان ٽانڊا سيريندا هئا، ٽانڊي سان پٽين ٽڪرائڻ سان آواز پيدا ٿيندو هو، اتان هن ساز جي ايجاد ٿي. پوءِ هن جي ڌاتو، ماپن ۽ وڄائڻ ۾ ترقي ٿي. پوئين وڪڙ ۾ ڦاٿل ڪڙو بہ سر توڙي لئي ۾ وارو جهلائي، ڪاريگر هن ۾ ٽڪا ۽ ٽوڙا بہ ڪڍن. دلير مهدي، عالم لوهار، عارف لوهار هن ساز جا ڀلا وڄائڻ وارا ليکيا وڃن ٿا. عام طرح پنجاب جا اڪثر لوڪ هن ساز کي استعمال ڪن ٿا.