
چقمق
چقمق: چقمق اهڙو ڌاتو آهي، جيڪو لوھہ جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي قوت رکندو آهي. اڄڪلھہ جون ڪيتريون ايجادون چقمق جي ڪري وجود ۾ آيون آهن. جيڪڏهن چقمق جو وجود نہ هجي ها تہ ريڊيو، ٽيليفون، سئنيما، بجلي جي پکن ۽ موٽرن جي ايجاد ممڪن نہ ٿي سگهي ها. بجلي پيدا ڪرڻ ۾ بہ چقمق اهم ڌاتو طور ڪتب اچي ٿو.
آڳاٽي وقت ۾ جڏهن بادباني ٻيڙيون سمنڊ ۾ هلنديون هيون، تڏهن ملاح چقمق پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ ان جون ڊگهيون شيخون ٺاهي ڌاڳي ۾ لٽڪائي طرف يا قبلو معلوم ڪندا هئا. انڪري هن ڌاتوءَ کي ’مددگار پٿر‘ بہ چيو ويندو هو. چقمق پٿر کي ڌاڳي سان ٻڌي لٽڪائبو هو، تہ ان جو رخ اتر طرف ۽ ٻيو ڏکڻ طرف ڪبو هو.
چقمق حقيقت ۾ لوھہ جي جزن جي مرڪبن جو ٺهيل هوندو آهي ۽ ان جي کاڻين وٽ لوھہ جون کاڻيون ملنديون آهن. هن پٿر جي ڪري لوھہ ۾ چقمق جون خاصيتون پيدا ٿي وينديون آهن. لوھہ جو چقمق گهڻو ڪري نعل (Horse Shoe) جي شڪل ۾ ٺاهيو ويندو آهي. هيءُ ڪهڙيءَ بہ حالت ۾ رکڻ جي باوجود ڌاڳي ۾ ٻڌي آزاد ڇڏڻ سان پنهنجو هڪ طرف اتر ۽ ٻيو ڏکڻ طرف ڪندو آهي. ڏکڻ طرف واري رخ کي سائوٿ پول (South Pole) ۽ اتر واري رخ کي نارٿ پول (North Pole) چئبو آهي. جيڪڏهن چقمق جا ٻہ حصا ڪيا وڃن تہ هن جو هر هڪ حصو مڪمل ٺھي ويندو آهي. نارٿ پول واري حصي جو ٻيو ڪناروپنهنجو پاڻ ئي سائوٿ پول ٺھي ويندو آهي ۽ سائوٿ پول واري حصي جو ٻيو ڪنارو نارٿ پول ٺھي ويندو آهي.
هر چقمق جو اثر ان جي چوڌاري ڪجهه فاصلي تائين ٿيندو آهي. جنهن کي ’چقمقي ميدان‘ (Magnetic Field) چوندا آهن. انهيءَ ايراضيءَ ۾ چقمقي طاقت جون لڪيرون (Lines of Force) ٿينديون آهن، جن کي ’ڪشش‘ چئبو آهي.
هڪجهڙن پولن جو لڪيرون هڪٻئي کان پري هجڻ جي صورت ۾ مڙي وينديون آهن ۽ اهڙيءَ طرح چقمق کي گهڻي فاصلي تائين ڌڪي ڇڏينديون آهن. مخالف پول جون لڪيرون چقمق کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ۽ اهڙي ڪشش ۾ هڪٻئي ۾ جذب ٿي وينديون آهن. بجليءَ جي ڪرنٽ سان بہ ’چقمقي ميدان‘ پيدا ٿيندو آهي. جنهن تار ۾ ڪرنٽ هلي رهيو هجي، ان جي ويجهو سئي کڻي اچڻ سان سئيءَ کي ڪشش ٿيندي آهي.