
چرز
چرز (Bustard): هي هڪ مشھور پکي آهي. جنهن جي ڳچي ڊگهي ٿيندي آهي، گوشت ڪڪڙ ۽ بدڪ جهڙو هوندو آهي، جيڪو انتهائي گرم گوشت آهي، لاڳيتو استعمال کان پرهيز ڪجي. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ ٿئي ٿو، حڪيمن موجب هن جي گُجي جي هيڊي کل برابر لوڻ ملائي کرڙ ڪري رکجي، اکين ۾ سرمو ڪري وجهڻ سان نظر وڌائڻ لاءِ مفيد آهي. ڪافي طبيب چرز جي رت کي دم ۽ ساھہ جي تنگيءَ واري مريض کي پياريندا آهن. اهڙي طرح ڪجهہ حڪيم ان ۾ رت بہ ملائيندا آهن.