چراغان ميلو

چراغان ميلو: لاهور شھر جي باغانپوره علائقي ۾شالامار باغ ويجهو، مشھور درويش ۽ صوفي شاعر شاھہ حسين عرف ماڌولال حسين (وفات: 1599ع) جي مزار آهي، جتي هر سال مارچ جي مهيني جي آخري ڇنڇر تي، عرس جي موقعي تي ميلو لڳندو آهي. ميلي ۾ رات جو مزار تي ’چراغان‘ ڪيو ويندو آهي. جنهنڪري ميلي کي ’چراغان ميلو‘ چيو وڃي ٿو. ميلي جي موقعي تي عقيدتمند مشعل بردار جلوس ڪڍندا آهن، جيڪو شھر کان ٿيندو شالامار باغ تائين پهچندو آهي. شالامار باغ لڳ هي ميلو لڳڻ ڪري ڪيترا ماڻهو هن ميلي کي ’شالامار باغ جو ميلو‘ بہ چوندا آهن. موجودہ وقت ۾ هيءُ ميلو باغ کان ٻاهر ٿئي ٿو. مسلمانن ۽ سکن جي زماني ۾ هيءُ ميلو ڇنڇر جي ڏينهن تي لڳندو هو، پر 1880ع کان هيءُ ميلو بھار جي آمد تي جمعي جي شام کان شروع ٿي، آچر جي شام وقت ختم ٿيندو آهي. جيئن تہ هي ميلو ڪڻڪن پچڻ جي مند ۾ ٿيندو آهي. ان ڪري ان ۾ موسمي ڏڻ جو رنگ بہ نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ميلي ۾ آسپاس جي شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو وڏيءَ عقيدت سان شريڪ ٿين ٿا. ميلي ۾ ماڻهن جو ٽولا ٽولا ٿي نچڻ، ڳائڻ، ملنگن پاران ڌمالون هڻڻ سان عجيب رنگ پيدا ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ميلي ۾ کاڌي پيتي جي شين جا دڪان ۽ کيل تماشا، ميلي جي رونق ۾ اضافو ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو