
چراخ

چراخ
چراخ (Hyena/ Crocuta): چراخ هڪ قسم جو جهنگلي جانور آهي، جيڪو بگهڙ کان ٿورو وڏو ۽ بگهڙ جهڙو ٿيندو آهي. هيءُ سنڌ جي جابلو علائقن ۾ عام ٿئي ٿو. ڪراچيءَ جي آسپاس کڏيجي، گجي ۽ پٻ جبلن ۾ سندس ٿاڪ آهن. چراخ جو جسم ميرانجهڙي ڀوري رنگ جو ٿئي ٿو. جنهن جي بت تي ويڪر ۾ ڪڻڪ رنگا يا ڪارا پٽا ٿيندا آهن. هن جي ڪنڌ ۽ پٺيءَ جي وچ تي وڏا وار (بُشڪون) ٿيندا آهن. چراخ جو بت هڪ ميٽر ڊگهو ۽ پڇ ننڍو ٿئي ٿو. هن جو وزن اٽڪل 34 ڪلوگرام ٿئي ٿو. هن جون پويون ٽنگون اڳين ٽنگن کان ڪجهہ ننڍيون ٿينديون آهن.
چراخ ٿڻائتو جانور آهي ۽ خاص ڪري جبلن جي وڏين غارن، ٽڪرين يا زمين ۾ چُر کوٽي رهندو آهي ۽ رات جو فصلن ۾ گهمندو آهي. هيءُ جهنگلي جانور شڪار ڪري کائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جيئرا جانور بہ پنھنجي غار ۾ کڻي ايندو آهي. هن جو خاص دشمن گهوڙو آهي، جنهن کان هيءُ ڀڄي نہ سگهندو آهي. چراخ آسانيءَ سان پالي سگهجي ٿو. پالڻ کانپوءِ مالڪ سان وفادار رهندو آهي. چراخ جي مادي هڪ ئي وقت ٽي ٻچا ڄڻيندي آهي. هي ڏينهن جو پنھنجي ڏر يا چُر ۾ رهندو آهي. سج لٿي کان پوءِ شڪار جي تلاش ۾ نڪرندو آهي. چراخ، بگهڙ کان پوءِ ٻئي نمبر تي طاقت وارو جانور آهي. هن جي ڏندن ۽ ڏاٺن ۾ وڏي طاقت ٿئي ٿي. ڪاوڙ ۽ جوش وقت ڏندن ذريعي پٿر بہ ڀوري ڇڏيندو آهي. گڏھہ جي گوشت کي گهڻو پسند ڪندو آهي. پهاڪو آهي تہ ”گڏھہ جو ماس ۽ چراخ جا ڏند“. جانورن جا هڏا سندس پسنديدہ خوراڪ آهن. هن جي رهڻ واري هنڌ جي ويجهو هڏن جا ڍير هوندا آهن. هن کي ’بيابانن جو بادشاھہ‘ بہ سڏيو ويندو آهي. آڳاٽي وقت ۾ چراخ سنڌ ۾ جاتي واري رڻ ۾عام جام ڏسبا هئا. لوڪ ڪٿائن موجب چراخ ڏانئڻن جو ڊڊو آهي، جنهن تي ڏائڻيون سواري ڪنديون آهن. هيءُ جانور ڊوڙڻ جو تيز هوندو آهي.