چتر ڀڄ: چٿر ڀڄ ٺٽي جو مشھور شاعر هو. مير علي شير قانع لکيو آهي تہ ’فن انشاء‘ ۾ سندس بہ مثال نہ هو. سندس مثنويون مشھور هيون، تاريخ گوئيءَ ۾ نظم توڙي نثر ۾ بلاغت جو صاحب هو، تاريخ گوئيءَ ۾ سحرڪاري ڪندو هو، ٺٽي جي هڪ حاڪم جي وفات ۽ سندس پٽ جي مسند نشينيءَ تي هيٺين تاريخ چيائين:
تقلب نيست در مصراع ’طوسي‘
که ’مرگ خر بود سگ راعروسي‘
(1167ھہ)
چتر چوڏس: هن ڏينهن لاءِ هندن ۾ روايت آهي تہ ويساک جي سھائي چوڏس تي ڀڳوان وشنوءَ، نرسنگهہ (نرسمھہ) روپ ڌاري، هرڻاڪشپ جو خاتمو آندو ۽ سندس پُٽ ڀڳت پرهلاد جي سنڀال ڪئي، ان ڪري هن ڏينهن کي نرسمھہ جينيءَ جي روپ ۾ ملهايو ويندو آهي. هندو ڌرم وارا هن ڏينهن ورت رکندا آهن ۽ ڀڳوان نرسمھہ (نرسنگهہ) جي پوڄا ڪندا آهن.