چاڪي محمد عثمان

چاڪي، محمد عثمان: حاجي محمد عثمان ولد حاجي محمد سهتل چاڪي، سنڌ جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن 18 صفر 1292ع مطابق 8 فيبروري 1875ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڏاڏي حاجي احمد کان ورتي، پوءِ سنڌ جي مختلف مدرسن ۾ پڙهيو. مدرسہ صديقه شھداد ڪوٽ مان، علامہ غلام صديق ميمڻ وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪري، دستار فضيلت ٻڌائين. لنواري شريف جي بزرگن وٽان خلافت جو خرقو ڍڪيائين. حاجي صاحب سنڌي، عربي ۽ فارسي، زبانن جو وڏو عالم هو. سچل سائينءَ جو پانڌيئڙو هو. هن سچل سرمسترح جي عقيدت ۾ ڪيترو ڪلام چيو آهي. سندس ڪلام ۾: ٽيھہ اکريون، مداحون، مناجاتون، مولود، مناقبا ۽ ڪافيون وغيرہ ملن ٿيون. هيءُ 12 شوال 1313ھہ مطابق 3 جولاءِ 1918ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار لاڙڪاڻي ۾ لوهرن جي مسجد جي ويجهو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1875.02.08  عيسوي

حاجي محمد عثمان ولد حاجي محمد سهتل چاڪي، سنڌ جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن 18 صفر 1292ع مطابق 8 فيبروري 1875ع تي جنم ورتو


1918.07.03  عيسوي

هيءُ 12 شوال 1313هه مطابق 3 جولاءِ 1918ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائي کيمچند
شمس الدين سومرو
جيون گرساهاڻي
وشنوڀاٽيا
الھبچايو ميمڻ
چانگ ساجن
ديدار حسين شاھہ جسٽس
اعجاز سمون
خاناڻي نصير خان
رانڪ رشيد خان ڪلهوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون