چاڪر چانڊيو

چاڪر چانڊيو

چاڪر چانڊيو

چاڪر چانڊيو: سنڌ جي ناليواري فنڪار چاڪر چانڊيي جو جنم 1915ع ڌاري ڳوٺ مهراڻي تعلقي شھدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ مصري خان چانڊيي جي گهر ۾ٿيو. سندس والد اصل ڳوٺ بھادر خان چانڊيي تعلقي شھدادپور جو ويٺل هو، بعد ۾ ساڳيو ئي ماڳ اچي وسايائين. چاڪر چانڊيو سنڌي جا ٽي درجا ڳوٺ باغو رند ۾ پڙهيو، وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو ۽ پوکي راهيءَ جي ڌنڌي ۾ پنھنجي والد جو مددگار ٿيو. 1951ع ڌاري اوچتو کيس مجازي چوٽ لڳي وئي. جنهن هن کي راڳي بڻائي ڇڏيو. خير محمد رند جي راڳ کان متاثر ٿي ڳائڻ جو فيصلو ڪيائين ۽ گنبل شاھہ ٽلٽيءَ واري وٽ پهچي کانئس فيض حاصل ڪيائين. يڪتارو چپڙي کڻي سندس ٽوليءَ ۾ ڳائڻ لڳو. ڪجهہ ڏينهن کانپوءِ پنھنجي مرشد ۽ استاد جي اجازت سان پنھنجي ڳوٺ موٽي آيو ۽ باقاعدي ڳائڻ جو آغاز ڪيائين. چاڪر چانڊيي کي ريڊيو تي پروڊيوسر محمد بخش انصاري متعارف ڪرايو. 1957ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ’نواءِ شوق‘ لاءِ سندس ۾ پهرين ڪافي رڪارڊ ٿي، جيڪا شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح جي هئي، جنهن جا ٻول هئا. ”ڪهڙو ڏوھہ ڏيان پنھنجي ڏيرن کي، لکئي پنڌڙو ڪرايو پيرن کي“. چاڪر چانڊيي 6 جون 1959ع تي پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي لائيو پروگرام ڪيو. ان بعد 1973ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي متعارف ٿيو. اتي پڻ ڪيترائي پروگرام ڪيائين. چاڪر چانڊيو فني لحاظ کان مڙني يڪتاري پوٽن فنڪارن ۾ انفرادي حيثيت رکندو هو. سندس گائڪيءَ ۽ يڪتاري چپڙي وڄائڻ جو انداز نرالو هو. هو هر راڳڻي نهايت پرسوز انداز ۾ ڇيڙيندو هو. يڪتاري تي پورو ڪلواڙو وڄائيندو هو. چاڪر چانڊيو جڏهن بہ ڳائڻ شروع ڪندو هو تہ پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيندو هو ۽ پنھنجي ڌن ۾ مگن ٿي ڳائيندو هو. هن پوري زندگيءَ ۾ ڪا ڌن چوري ڪري نہ ڳاتي. کيس سنڌي، اردو، سرائڪي، پنجابي ۽ بلوچيءَ تي دسترس حاصل هئي. هن سڄي سنڌ سميت پنجاب جي صادق آباد، رحيم يار خان ۽ ملتان وارن علائقن ۾ ڳائي ڪافي داد ماڻيو. تنهن کانسواءِ هن ڪيترائي ڀيرا لطيف سرڪار جي عرس مبارڪ جي موقعي ۽ ٻين سرڪاري تقريبن دوران سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ اڪيلي سر ۽ مشھور صوفي ڳائڻن: جھڙوڪ فقير امير بخش، فقير حسين بخش، ڍول فقير، فقير عبدالغفور، فقير يار محمد ۽ فقير عيسيٰ سان سُنگ ۾ ڳائي حاضرين کي جهومائي ڇڏيندو هو. چاڪر چانڊيي جا سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڪيترائي ڪلام ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ٿيل آهن جيڪي سنڌ جي سمورين اسٽيشنن کانسواءِ ملتان تان پڻ نشر ٿيندا رهن ٿا. ڪئسٽ جي دنيا ۾ چاڪر چانڊيو پهريون يڪتاري پوٽو فنڪار هو. جنهن جون 200 کان وڌيڪ آڊيو ڪئسٽون رليز ٿيل آهن. هن گهڻو ڪري حضرت شاھہ لطيف، محمود فقير کٽياڻ، مصري شاھہ، بلي شاھہ، طالب الموليٰ، مرتضيٰ شاھہ ڏاڏاهي، احسان شاھہ ۽ پير اعجاز کي ڳايو. چاڪر چانڊيي جي فن کي عوام طرفان ڪافي مڃتا ملي. کيس وڏن وڏن انعامن سان نوازيو ويندو هو. کيس 21 مئي 2000ع تي لطيف سرڪار جي سالياني موقعي تي ثقافت کاتي طرفان ”لطيف اوارڊ“ سان نوازيو ويو. سنڌ ۾ ڪيترائي فنڪار سندس شاگرد آهن. سنڌ جو هي يڪتاري ڇيڙيءَ جو بيتاج بادشاھہ فنڪار پهرين نومبر 2005ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ چاڪر چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.06.06  عيسوي

چاڪر چانڊيي 6 جون 1959ع تي پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي لائيو پروگرام ڪيو.


2000.05.21  عيسوي

چاڪر چانڊيو 21 مئي 2000ع تي لطيف سرڪار جي سالياني موقعي تي ثقافت کاتي طرفان ”لطيف اوارڊ“ سان نوازيو ويو.


2005.11.01  عيسوي

سنڌ جو هي يڪتاري ڇيڙيءَ جو بيتاج بادشاهه فنڪار چاڪر چانڊيو پهرين نومبر 2005ع تي وفات ڪري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڄڻ مڱڻهار
پنهور عبدالله
سجاد يوسف
خليفو لائق ڏنو
استاد احمد خان
ثمينه گل
فقير منور علي دايو
منظور سخيراڻي
خادم حسين ديوانو
ماسٽر فتح علي سمو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون