
سومرو چاچا قاسم
چاچا قاسم سومرو : حيدرآباد جي مشھور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ چاچا قاسم سومري، 1943ع ڌاري ڳوٺ حاجي هاشم سومري، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد جمن سومري جي گهر جنم ورتو. سندس وڏا ٺٽي ضلعي جي شھر دڙي جا ويٺل هئا. قاسم سومرو چار درجا سنڌي ڪراچيءَ جي کڏا مارڪيٽ واري علائقي جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو. ان اسڪول جو هي پهريون شاگرد هو، جنهن سنڌي مضمون جي چونڊ ڪئي. باقي سڄي اسڪول ۾ اردوءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. پنجون درجو حيدرآباد ۾ پڙهڻ کانپوءِ محمد قاسم جامعہ عربيه اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، پر والد جي وفات سبب کيس تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي. ڏهن سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾ گهر جون ذميداريون مٿس پيون ۽ مختلف هنڌن تي مزدوريون ڪندو رهيو. 1961ع ۾ سندس شادي ٿي، شاديءَ کانپوءِ هن حيدرآباد شھر جي لجپت روڊ تي ’سنڌ ڊرائي ڪلينرس‘ نالي ’ڌوٻڪو دڪان‘ کوليو. 1970ع ۾ کيس لوڪل گورنمينٽ کاتي ’بلديہ حيدرآباد‘ ۾ سينيٽري سب انسپيڪٽر جي ملازمت ملي. محمد قاسم سومري جو ابتدا کان تعلق قوم پرست سياست سان رهيو آهي ۽ ننڍا وڏا، سياسي توڙي غير سياسي ماڻهو، سندس شاندار سماجي ۽ سياسي ڪردار جي ڪري کيس ’چاچا قاسم سومرو‘ سڏيندا هئا. سڀ کان اڳ دوآبي (حيدرآباد) ۾ جيئي سنڌ محاذ جو يونٽ کليو تہ ان جو پهريون ميمبر ’چاچو قاسم سومرو‘ ٿيو ۽ چئن سالن تائين سيڪريٽريءَ جون ذميواريون نڀايائين. سياسي سرگرمين سبب ٻہ ڀيرا جيل ويو. چاچا قاسم، قومپرست اڳواڻ سائين جي.ايم سيد سان تمام گهڻو ويجهو رهيو ۽ سندس اعتماد وارو ماڻهو رهيو. 1988ع ۾ ’سنڌ قومي اتحاد‘ ٺهيو تہ چاچا قاسم ان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 30 سيپٽمبر 1988ع وارن لساني فسادن دوران مٿس ڪيس داخل ٿيو ۽ نوڪريءَ تان بر طرف ٿيو، پنج سال روپوشيءَ جي زندگي گذاريائين. روپوشيءَ دوران هن دودي سومري جي قلمي نالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ وڃي ڪچهريون ۽ ليڪچر پروگرام ڪيا. 1993ع ۾ ڳجهن ادارن هٿان کنڀجي، پنجن مهينن تائين گم رهيو، مٿس سخت تشدد ٿيو، جنهنڪري اٿڻ، ويهڻ، ۽ ڳالهائڻ جي سگهہ بہ وڃائي ويٺو، جيڪا آهستي آهستي بحال ٿيس. پنجن مهينن بعد کيس ڪراچيءَ جي اي. ٽي. سي ڪورٽ ۾ چالان ڪري، 18 مهينا سزا ڏئي سينٽرل جيل ڪراچيءَ موڪليو ويو، جيل ۾ هن قيدين جي مسئلن تي ڪيترا ڪالم، اخبارن ۾ ڇپرايا. ’زندان جي جهروڪي مان‘ عنوان سان قومي تحريڪ جو تجزيو لکيايئن، جيڪو ماهوار ’ساڃاھہ‘ ۾ ڇپيو. 1995ع ۾ جيل مان آزاد هٿر ٻيهر متحرڪ سياست ڪيائين. چاچا قاسم مستقل مزاج قومي ڪارڪن آهي. 1995ع ۾ سائين جي.ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي گڏائڻ لاءِ عملي طور ڪوششون ورتائين ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ٺهيو تہ ان جو ميمبر ٿيو ۽ ڪيترا ڀيرا ضلعي حيدرآباد جو صدر رهيو. جڏهن 1997ع ۾ سيد جلال محمود شاھہ سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿيو تہ سندس پراڻي نوڪري بحال ٿي. هن قاسم آباد کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ طويل جدوجھد ڪئي ۽ ’سومرا ويلفيئر ايسوسيئيشن‘ جو بنياد وڌائين. نسيم نگر حيدرآباد ۾ بلڊ بئنڪ قائم ڪري، ڏورانهن علائقن مان ايندڙ بيمارن کي رت جي سهولت مهيا ڪندو رهيو. ٿر ۽ ٻين علائقن مان ايندڙ مريضن کي اسپتالن ۾ وٺي سندن علاج ڪرائڻ، کين پنھنجي گهر رهائڻ، سندن خدمت ڪرڻ، مسڪين جھان خان کوسي وانگر مختلف آفيسن ۾ وڃي ماڻهن جا ڪم ڪرائڻ، قومي ڪارڪنن جي ڪورٽن ۾ پرگهور لهڻ، سندن ضمانتون ڪرائڻ، حيدرآباد جي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۽ قاسم آباد ۾ رهندڙ ٻھراڙيءَ جي شاگردن جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن سماجي ڪمن ۾ هر وقت سرگرم رهيو. چاچا قاسم سومرو ڪل وقتي قومي ڪارڪن رھيو. کيس لطيف سائينءَ جي شاعري گهڻي ڀاڱي ياد ھئي.ھن گهر ۾ هڪ بھترين لائبرري پڻ قائم ڪئي. چاچا قاسم سومري 2 نومبر 2017غ تي وفات ڪئي.