چاولا ارجن

چاولا، ارجن: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور اديب ۽ شاعر ارجن چاولا جو پورو نالو ارجن گاهي مل چاولا آهي. هن جو جنم 10 فبروري 1921ع تي، ڪشمور، ضلعي جيڪب آباد، سنڌ ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (انگريزي)، بي. ايڊ، ڊي. ايس (عليڳڙھہ) آهي.
ورهاڱي بعد لڏي وڃي ڀارت ۾ وسيو ۽ تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. ڪافي عرصو اڳ پرنسپال مڌيه پرديش ايجوڪيشنل سروس تان رٽائر ڪيو اٿس. انگريزي شاعريءَ ۾ جي مئگزين SKYLARK- India جو ايڊيٽر رهيو آهي.
سندس سنڌي شاعريءَ جا تي ڪتاب ڇپي چڪا آهن:
(1) چـارڻ چـوريـو چـنـگ (1987ع)، (2) اُڀـريـا عـڪـس هـــزار (2001ع)، (3) احساس جي آهٽ (2009ع).
ارجن چاولا کي ڪتاب ’چارڻ چوريو چنگ’ تي C.H.D طرفان ۽ ڪتاب ’اُڀريا عڪس هزار‘ تي NCPSL (نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج) طرفان روڪ انعام ملي چڪو آهي. ارجن چاولا نئين بستي، عليڳڙھہ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.02.10  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب ۽ شاعر ارجن چاولا جو پورو نالو ارجن گاهي مل چاولا آهي. هن جو جنم 10 فبروري 1921ع تي، ڪشمور، ضلعي جيڪب آباد، سنڌ ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحيمداد مولائي شيدائي
روشن سندر چانڊيو
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
علي ڏنوعاجز لنڊ
چرن داس گُر سھاڻي
رشيده حجاب
ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو
پٺاڻ محمد اسماعيل
حيدر بخش عزيز گوپانگ
ڪيرت ٻاٻاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون