چانڊڪا پرڳڻو: چانڊڪا پرڳڻي جو بنياد ارغونن جي دور حڪومت ۾ پيو. هيءُ پرڳڻو دادو ضلعي اڳوڻي تعلقي ڪڪڙ کان شروع ٿي ڪاڇي واري وٽ ڏيندو، لاڙڪاڻي، قنبر، شھدادڪوٽ ۽ سکر تائين جي علائقن تي مشتمل هو. 1555ع ڌاري سنڌ جو حاڪم شاھہ حسن ارغون فوت ٿي ويو، ان وقت سنڌ ٻن گهراڻن ۾ ورهائجي وئي. اتر وارو حصو، جنهن جو مرڪز بکر هو، اهو سلطان محمود جي هٿ هيٺ هو. جنهن جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ سنڌو درياھہ ۽ گهاٽا ٻيلا، اولھہ ۾ وارياسا پٽ ۽ کيرٿر جبل جا پهاڙي سلسلا موجود هئا. هيءُ پرڳڻو شروع کان وٺي چانڊين جو ڳڙھہ رهيو آهي ۽ مٿس نالو چانڊين جي گهڻائي سبب پيل آهي. چانڊين جي پهرين ”ناري“ تي رياست هئي، پوءِ سنڌ جي اتر اولھہ ۾ چانڊڪا رياست قائم ڪيائون. منجهس وسندڙ قبيلن ۾ سميجا، بُڪيجا، سانگي ۽ ابڙا شامل هئا. هتي وسندڙ ٻيو اهم قبيلو مهديجا شيخ هو. ان قبيلي کي موجودہ دور ۾ ’ڪلهوڙا‘ قبيلي طور سڃاتو وڃي ٿو. انهن قبيلن کان سواءِ جابلو قبيلا جھڙوڪ: مگسي، لاشاري، دڙدشت ديناري، رند، ڊومڪي ۽ بڙدي بہ رهندا هئا، جيڪي سڀئي بلوچ سڏائيندا هئا. سندن ڳوٺ مير ابڙي واري واھہ جي ڪپ تي هوندا هئا. هيءُ واھہ بہ سندن ئي کوٽايل هو. ’جوکي هرڻي‘ ۽ ’مَنھہ‘ ڳوٺ مير ابڙي جا ٻڌرايل هئا، جڏهن تہ نندي ابڙي ’پوپٽي‘ ڳوٺ ٻڌايو هو. ڄام نندي پنھنجي قابل سپھہ سالار دريا خان جي هٿ هيٺ شاھہ بيگ ارغون (جنهن وقت بہ وقت سنڌ جي مختلف شهرن تي ڪاهون ڪري ڦرلٽ ڪئي) کي شڪست ڏيڻ لاءِ هڪڙو وڏو لشڪر چاڙهي موڪليو. انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي واري پرڳڻي ۾ چانڊين جي سرداري هئي. چانڊين جي سردار سريمڻ خان دريا خان جي فوج جي مدد ڪئي، جنهنڪري شاھہ بيگ ارغون کي شڪست آئي ۽ سندس ڀاءُ سلطان محمود مارجي ويو. انهيءَ لڙائيءَ کان پوءِ دريا خان سريمڻ خان چانڊيي تي تمام گهڻو راضي ٿيو ۽ کيس نوَ لکي جاگير انعام طور ڏنائين. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي واري علائقي تي ”چانڊڪا پرڳڻو“ نالو پيو. هن جاگير ۾ ابڙن، ماڇين، چانڊين جي اڪثريت هئي. ماڇين جو معاشي گذارو ڍنڍن تي هو. زمين جي آبادي ابڙا ڪندا هئا، جن جو گذران ٻني ٻارو ۽ چوپايو مال هو. اهو ئي سبب هوندو هو، جو اهي ٻئي قومون سدائين پاڻي جي معاملي ۾ وڙهنديون رهنديون هيون. چانڊين ۽ ابڙن جي ارھہ زوراين جي ڪري ابڙن ڪنهن ٻاهرين طاقت لاءِ واجهايو. ابڙن جي چڱي مڙس کبڙ خان، بکر مان ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي کي وٺي اچي هن پرڳڻي جي هٽڙي علائقي ۾ رهايو. جتي آدم شاھہ پنھنجي بزرگيءَ جي ڪري مشھور ٿيو. ڪيترائي قبيلا سندس مريد ٿيا، جن ۾ چانڊيا بہ شامل هئا. روايت آهي تہ ميان آدم ڪلهوڙو سال 1580ع ڌاري چانڊڪا پرڳڻي ۾ آيو. ميان آدم شاھہ ڪلهوڙو ڳوٺ باقراڻيءَ کان اوڀر جي ڪچي جي علائقي هٽڙي ۾ هڪ فقير جو لباس اوڍي هڪ سياسي شخصيت ٿي اُڀريو ۽ ٿوري عرصي ۾ هن پنھنجي فقيرن جي افرادي قوت سان سياسي قوت حاصل ڪري ورتي. 1591ع ۾ اڪبر بادشاھہ عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. هتي پهچڻ بعد ميان آدم شاھہ جي خدمت ۾ پهتو ۽ دعا گهرڻ لاءِ عرض ڪيائين. ساڳئي سال عبدالرحيم خان خانان ٺٽي جي حڪومت کي فتح ڪري پنھنجي قبضي هيٺ آندو، تڏهن هن اهو محسوس ڪيو تہ جنگي ڪاميابين ۾ آدم شاھہ ڪلهوڙي جي دعائن جو اثر شامل هوندو، تنهنڪري هن آدم شاھہ ڪلهوڙي کي چانڊڪا پرڳڻي ۾ لاڙڪاڻي لڳ جاگير ڏني. ميان آدم شاھہ ڪلهوڙو هن علائقي ۾ ڏينهون ڏينهن پنهنجا پير پختا ڪندو ويو. نتيجي ۾ مغلن جو اثر گهٽجندو رهيو. ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي جي ترقيءَ جو اهو حال ڏسي چانڊڪي پرڳڻي جا زميندار ۽ بکر جو گورنر سندس مخالف بڻجي پيا. انهن گڏجي ملتان جي حڪام کي شڪايت ڪئي. نيٺ ميان آدم شاھہ کي گرفتار ملتان وٺي ويا، جتي هن کي ڦاسي ڏئي شھيد ڪيو ويو. هي واقعو 1600ع ڌاري پيش آيو. ان بعد سندس پٽ ميان دائود گادي سنڀالي. ان کان پوءِ ميان الياس ولد ميان دائود ڪلهوڙن جو اڳواڻ بنيو. ميان الياس جي وفات کان پوءِ ميان شاھہ علي قبيلي جو سربراھہ بنيو. ميان شاھہ علي چانڊڪا پرڳڻي ۾ ’گهاڙ واھہ‘ جي باقاعدہ کوٽائي ڪرائي. ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي کنيل ان قدم سبب زرعي ۽ تجارتي انقلاب برپا ٿي پيو ۽ چانڊڪي پرڳڻي ۾ واهن، ڪورن، ڪيسن ۽ مورين جو ڄار وڇائجي ويو ۽ سڄي تر جون غير آباد زمينون شاداب ٿي پيون. چانڊڪا پرڳڻي ۾ اٽڪل 1550ع ڌاري گهاڙ واھہ جي کاٻي ڪپ تي ميان صاحب جي مريدن هڪ ننڍڙو ڳوٺ ٻڌو، انهن مريدن جو تعلق لاڙڪ قبيلي سان هو، جنهن سبب ’چانڊڪا‘ بجاءِ آهستي آهستي لاڙڪاڻو مشھور ٿي ويو. چانڊڪا پرڳڻي جي جاگير هن وقت بہ چانڊيا قبيلي وٽ آهي، جنهن قبيلي جو سردار غيبي خان چانڊيو، احمد سلطان چانڊيو، نواب شبير احمد چانڊيو، ۽ هاڻي خان چانڊيو'>سردار خان چانڊيو آهي.