چانڊيو نورالدين ’نور‘ مولانا

چانڊيو، نورالدين ’نور‘ مولانا: مولانا نورالدين ولد خاوند ڏنو چانڊيو، پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ڏائو جي وانڍ، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ ڄائو. هن مختلف مدرسن مان علم جي تڪميل ڪئي. تعليم جي حصول کانپوءِ هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز درس و تدريس سان ڪيو. هي مدرسي ۾ عربيءَ جو استاد هو. مولانا نور الدين بھترين مقرر هو. هيءُ سٺو شـاعـر بہ هـو. شـاعـريءَ ۾ ’نـُـور‘ تـخلـص ڪـتـب آڻيندو هو. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن: (1) ’موج نور‘، (2) ’ڪليات نور‘، (3) ’ديوان نور‘ ۽ (4) ’شعلہ نور‘. سندس وفات جي تاريخ معلوم نہ ٿي سگهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.03.01  عيسوي

مولانا نورالدين ولد خاوند ڏنو چانڊيو، پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ڏائو جي وانڍ، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ريحان اعظمي
سڪندر خان کوسو
رئيس عبداللطيف لطيف ناپر
فقير لطف علي دايو
امداد سروري
دبير مرزا
الطاف عاصي ڊاڪٽر
ڀائي ٿانورداس
بلند شاھہ
پندار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون