چانڊيو نورالدين ’نور‘ مولانا

چانڊيو، نورالدين ’نور‘ مولانا: مولانا نورالدين ولد خاوند ڏنو چانڊيو، پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ڏائو جي وانڍ، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ ڄائو. هن مختلف مدرسن مان علم جي تڪميل ڪئي. تعليم جي حصول کانپوءِ هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز درس و تدريس سان ڪيو. هي مدرسي ۾ عربيءَ جو استاد هو. مولانا نور الدين بھترين مقرر هو. هيءُ سٺو شـاعـر بہ هـو. شـاعـريءَ ۾ ’نـُـور‘ تـخلـص ڪـتـب آڻيندو هو. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن: (1) ’موج نور‘، (2) ’ڪليات نور‘، (3) ’ديوان نور‘ ۽ (4) ’شعلہ نور‘. سندس وفات جي تاريخ معلوم نہ ٿي سگهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.03.01  عيسوي

مولانا نورالدين ولد خاوند ڏنو چانڊيو، پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ڏائو جي وانڍ، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد فقير لغاري
لڇمڻ دُبي
غلام مصطفي سولنگي 1
چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا پرديسي
عبدالله خواب حيدرآبادي
سيد گل حسن شاھہ مجذوب
ڀون سنڌي
شاڪر محمد شاڪر
رضوي ميون شاھہ عنات
حامد ﷲ ’حامد‘ تنيو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون