چانڊيو نظام الدين

چانڊيو، نظام الدين: ناميارو شاعر نظام الدين ولد عبدالله ’اثر‘، پهرين آگسٽ 1948ع تي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. تعليم جي لحاظ کان ايم. اي، ايم. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي آهي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪلارڪ مقرر ٿيو. ان کانپوءِ تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو. هيءُ علم عروض ۽ مادهِ تاريخ ڪڍڻ ۾ ماهر هو. سنڌيءَ سميت سرائيڪي، اردو ۽ فارسي ٻوليون چڱيءَ ريت ڄاڻندو هو. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيـائيـن. شـاعـريءَ ۾ ’مفتي‘ ۽ ’ناظم‘ تخلص ڪتب آندائين. ’بزم اثر‘ جو سرپرست ۽ جنرل سيڪريٽري ۽ بزم سچل لاڙڪاڻي جو نائب صدر رهيو. سندس ڪلام مختلف سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. سندس ٻہ ڪتاب: (1) ’اگر مگر’ ۽ (2) ‘تاجدار ڪربلا‘ ڇپيل آهن.
هن 1996ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.08.01  عيسوي

ناميارو شاعر نظام الدين ولد عبدالله ’اثر‘، پهرين آگسٽ 1948ع تي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد حسين شوقي ٺٽوي
بشير بيوس اوٺو
سيد مصري شاھہ امام رضوي
عراقي فخرالدين شيخ
راهي رسول بخش
شاڪر شجاع آبادي
بلهي شاھہ
شيخ رحمت ﷲ ٺٽوي
خانصاحب غلام علي جعفري
اوڌوداس
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون