مير محمد خان چانڊيو

مير محمد خان چانڊيو

چانڊيو مير محمد خان

چانڊيو، مير محمد خان: ناميارو سياستدان مير محمد خان ثاني ولد غيبي خان چانڊيو، 27 فبروري 1900ع ڌاري غيبي ديري ۾ ڄائو. ابتدائي طور پنھنجي ڳوٺ جي جامع مسجد جي پيش امام مولوي علي محمد جانوريءَ وٽ قرآن پاڪ جي تعليم پڙهيو. ان کان سواءِ فارسيءَ ۾ سڪندرنامي جي تعليم بہ حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ کان پوءِ 1937ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1940ع ۾ مسجد منزل گاھہ تحريڪ ۾ شامل رهيو. ان کان سواءِ سنڌ زميندار ڪانفرنس جي مرحبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر بہ رهيو. مير محمد چانڊئي 1950ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.02.27  عيسوي

ناميارو سياستدان مير محمد خان ثاني ولد غيبي خان چانڊيو، 27 فبروري 1900ع ڌاري غيبي ديري ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير مير محمد خان ٽالپر
ٻيڙو مير بحر
حضور بخش گوپانگ
اي ڪي هنگل
فھيم نوناري
استاد سلامت حسين بانسري نواز
بيبي صغرا آپا
علي احمد جمالي
ارل اسٽين
باغ علي شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون