چانڊيو عبدالله خان ’همدم‘

چانڊيو، عبدالله خان ’همدم‘: شاعر عبدالله خان ’همدم‘ ولد محمد يوسف چانڊيي، 8 مئي 1914ع تي ميهڙ شهر، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل غيبي ديري جا رهاڪو هئا. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ ميهڙ مان ڪيائين. ان کانپوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ پڙهڻ ويو، جتان 1934ع ڌاري واپس وريو. 1942ع ڌاري سب رجسٽرار مقرر ٿيو. گهڻو عرصو تعلقي رتيديري ۾ ملازمت ڪيائين. کيس شاگرديءَ واري دؤر کان شاعريءَ جو شوق هو. نوڪري ملڻ کانپوءِ شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’همدم‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندن شاعريءَ جو مجموعو ’ارمغان همدم‘ ڇپيل آهي. هو ’بزم اڪبر‘ ميهڙ جو صدر بہ رهيو. هن ستين سيپٽمبر 1988ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.05.08  عيسوي

شاعر عبدالله خان ’همدم‘ ولد محمد يوسف چانڊيي، 8 مئي 1914ع تي ميهڙ شهر، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1988.09.07  عيسوي

عبدالله خان ’همدم‘ستين سيپٽمبر 1988ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال رند
غلام نبي اداسي
سنتل
رخسانه رخ سومرو
ڪيف رضواني
سيد باغن شاھہ:
سوامي بسنت رام
سوڀراج نرملداس فاني
پارس رياض ملاح
رحيم بخش قمر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون