
پروفيسر عبدالحئي چانڊيو
چانڊيو، عبدالحئي، پروفيسر: ماهر تعليم ۽ نامور اديب پروفيسر عبدالحئي ولد مولانا محمد قاسم چانڊيو، 1927ع ڌاري ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قنبر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ٺيڙهي مدرسي، ضلعي خيرپور مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ مدرسہ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڏنائين. عربي ۽ فارسي ۾ عالم فاضل جو امتحان پاس ڪري ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن مدرسہ دارالهديٰ ٺيڙهي ضلعي خيرپور ۾ درس و تدريس جو آغاز ڪيو. ان کانپوءِ ڇھہ سال ڪوھہ مريءَ ۾ مترجم رهيو. واپس اچي 1960ع ڌاري شاھہ لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر جو بنياد وڌائين، جيڪو بعد ۾ سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. وڏو مذهبي عالم هو، کيس سنڌيءَ کان سواءِ عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي بہ دسترس حاصل هئي. هاري ڪاميٽيءَ جي بنيادي ميمبرن مان هو ۽ بزم طالب الموليٰ جو بہ ميمبر رهيو. عورتن جي آزاديءَ لاءِ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيائين. هن ذاتي لائبريري بہ قائم ڪئي، جيڪا بعد ۾ قنبر ڪاليج کي ڏيئي ڇڏيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري ۾ ويهن سالن تائين عربي ۽ فارسيءَ جو پروفيسر رهيو ۽ فارسيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ ڪيترن شاگردن جو نگران رهيو. 1986ع ڌاري رٽائر ٿيو. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا: (1) ’ماروئـڻ‘ (عورتن جي حـوالي سان)، (2) ’امرت ويـلا‘ (آتم ڪٿـا)، (3) ’اسـلام مين عـورتـون ڪي حـقـوق‘ (اردو).
پروفيسر عبدالحئي، جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي، سندس مدفن قنبر شھر جي قبرستان ۾ آهي.