عاشق چانڊيو

عاشق چانڊيو

چانڊيو عاشق

چانڊيو، عاشق: نئين ٽهيءَ جي شاعر عاشق چانڊيي جو اصل نالو احمد علي ولد محمد سليمان چانڊيو آهي. سندس جنم 05 فيبروري 1969ع تي ڳوٺ ايوب خان چانڊيي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. تعليم مڊل اٿس. غريب گهراڻي سان واسطو هجڻ سبب وڌيڪ تعليم پرائي نہ سگهيو. هن لکڻ جي شروعات 1985ع کان ’آزاريل عاشق‘ جي نالي سان ڪئي. شروع ۾ ڳائڻ سان چاھہ هئس، بعد ۾ مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي ۽ زخمي چانڊيي جي صحبت ۾ اچڻ سبب مٿس شاعراڻو اثر پيو. 1991ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. عاشق چانڊيو هميشہ پنهنجو ڪلام ڳائي پيش ڪندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ مزاحمت ۽ طنز و مزاح جو عنصر هوندو آهي. 15 آگسٽ 2003ع تي شھدادپور ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو، جنهن ۾ هو پنھنجي گهر واريءَ شاعرہ ڪبريٰ چانڊيو سميت شديد زخمي ٿيو. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ شھدادپور جو سرگرم ڪارڪن آهي. ان کان سواءِ سندس واسطو مختلف سياسي، سماجي تنظيمن سان پڻ آهي. هن ’عائشہ پبليڪيشن‘ (شھدادپور) نالي هڪ پبلشنگ اداري جو بنياد وڌو، جنهن ذريعي مختلف اديبن شاعرن جا ڪتاب ڇپرائيندو رهي ٿو. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب ’دل جي آڳر تي‘ (2003ع) ۽ ’لفظن جو رقص‘ 2009ع) عائشہ پبليڪشن طرفان ڇپيل آهن. ڪاوش گروپ آف پبليڪشن پاران ڇپجندڙ ماهوار هالار ڊائجسٽ ۽ سنڌ رنگ طرفان ’بھترين شاعر‘ طور مڃتا سرٽيفڪيٽ سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ سرٽيفڪيٽ مليل اٿس. روزگار سانگي مستقل طور شھدادپور ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.02.05  عيسوي

سندس جنم 05 فيبروري 1969ع تي ڳوٺ ايوب خان چانڊيي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو


2003.08.15  عيسوي

15 آگسٽ 2003ع تي شهدادپور ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو، جنهن ۾ هو پنهنجي گهر واريءَ شاعره ڪبريٰ چانڊيو سميت شديد زخمي ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راشدي سيد محمد سليم شاھہ
غلام نبي اداسي
حاجي احمد بخش
حبيب جالب
حافظ محمد عبدالله ٽکڙائي بسمل
غوثل ميراڻي
سعدي شيرازي
غلام شاھہ سيد
تيرٿ روچيرام منگوراڻي پريتم
غلام مهتديٰ لکوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون