چانڊيو شھمير خان ’شھمير‘

چانڊيو، شھمير خان ’شھمير‘: شھمير خان ولد جلال چانڊيو، 14 اپريل 1894ع تي ٽنڊي ولي محمد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ ڳوٺ گاهي، تعلقي وارھہ، ضلعي لاڙڪاڻي جا رهواسي هئا. هن جو ڏاڏو نواز علي بني علم جو تمام وڏو ڄاڻو هو، جيڪو لاڙڪاڻي مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ مقيم ٿيو هو. هن 1912ع ڌاري بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي. تعليم جي حصول کان پوءِ روينيوکاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. هيءُ شاگرديءَ واري دؤر ۾ محمد صديق مسافر، مرزا مدد علي بيگ ۽ ٻين ناليوارن اديبن ۽ شاعرن وٽ پڙهيو. هن جو مزاج نهايت ئي اعليٰ گُڻن وارو هو. هن شاعريءَ ۾ غزل، رباعي، مثنوي ۽ منقبت جهڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هيءُ بزم ادب حيدرآباد جي بنياد وجهندڙن مان هو. هن جو ڪلام ’گلدستو فقير عرف علامہ‘ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ٻن جلدن تي ڇپيل آهي. سندس ڪلام جو پهريون جلد 1936ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 48 ڪافيون ۽ ٻئي جلد ۾ 200 غزل ۽ ڪافيون ۽ هڪ سُر رامڪلي ۽ ٽيھہ اکري شامل آهن. هن تي مرزا قليج بيگ ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ جي شاعري جو گهرو اثر هو.
شھمير خان چانڊيي، 19 جون 1958ع تي وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.04.14  عيسوي

شهمير خان ولد جلال چانڊيو، 14 اپريل 1894ع تي ٽنڊي ولي محمد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.


1958.06.19  عيسوي

شهمير خان چانڊيي، 19 جون 1958ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي عبدالرحمٰن
محمد ميان سومرو
شفيق احمد مهيسر ميان
گلڻ ڄام ڏاهري
ابو الليث صديقي پروفيسر
پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي
حميدہ کهڙو ڊاڪٽر
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
بخت نصر
خليفو سيد محمد باقر شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون