چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا پرديسي

چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا ‘پرديسي’: نامور شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، محقق چانڊومل جو جنم، 10 مارچ 1913ع تي شڪارپور ۾ راڌا ڪرشن آهوجا جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ، ايل. ايس. جي. ڊي هئي. چانڊو مل شاعريءَ ۾ ‘پرديسي’ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘جهانسيءَ جي راڻي ’ (1946ع)، ‘ سنڌين جا سور’ (1949ع)، ‘ڪنيائن سان قھر’ (1956ع)، ‘ڪير راڄ ڪري’ (1966ع) ۽ ‘وير ساورڪر’ ۽ ‘سنڌي’ (1979ع) ۾ شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ ٻين ٻولين هندي، انگريزي ۽ گرمکي ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. چانڊومل ورهاڱي کانپوءِ هندستان هليو ويو، جتي الهاس نگر ۾ رهائش پذير ٿيو. هن آل انڊيا ريڊيو تان پڻ پنهنجون لکڻيون پڙهيون. کيس ڪيترائي انعام ۽ اوارڊ مليا. هن ‘ڪهاڻي ۽ ڀائو گيت’ تي انعام حاصل ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.03.10  عيسوي

محقق چانڊومل جو جنم، 10 مارچ 1913ع تي شڪارپور ۾ راڌا ڪرشن آهوجا جي گهر ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ميرغلام رسول ٽالپرغريب
عبدالقادر چولياڻي
اختر درگاهي
پرديپ
سيد باغ علي شاھہ لکوي
خليفو غلام ﷲ
چيزل شاھہ
چانڊيو نظام الدين
حڪيم محمد صادق طالب
پورن کٽواڻي سائل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون