چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا پرديسي

چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا ‘پرديسي’: نامور شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، محقق چانڊومل جو جنم، 10 مارچ 1913ع تي شڪارپور ۾ راڌا ڪرشن آهوجا جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ، ايل. ايس. جي. ڊي هئي. چانڊو مل شاعريءَ ۾ ‘پرديسي’ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘جهانسيءَ جي راڻي ’ (1946ع)، ‘ سنڌين جا سور’ (1949ع)، ‘ڪنيائن سان قھر’ (1956ع)، ‘ڪير راڄ ڪري’ (1966ع) ۽ ‘وير ساورڪر’ ۽ ‘سنڌي’ (1979ع) ۾ شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ ٻين ٻولين هندي، انگريزي ۽ گرمکي ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. چانڊومل ورهاڱي کانپوءِ هندستان هليو ويو، جتي الهاس نگر ۾ رهائش پذير ٿيو. هن آل انڊيا ريڊيو تان پڻ پنهنجون لکڻيون پڙهيون. کيس ڪيترائي انعام ۽ اوارڊ مليا. هن ‘ڪهاڻي ۽ ڀائو گيت’ تي انعام حاصل ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.03.10  عيسوي

محقق چانڊومل جو جنم، 10 مارچ 1913ع تي شڪارپور ۾ راڌا ڪرشن آهوجا جي گهر ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رئيساڻي جي ايم
آثم ناٿن شاهي
عثمان فقير سانگي
عبدالله چانڊيو
عبدالحڪيم ارشد
پرمانند پياسي
غلام نبي ناشاد
شاھہ عنات رضوي ميون
ڀون سنڌي
شاعر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون