چاندي فقير ڀيل

چاندي فقير ڀيل

چاندي فقير ڀيل

چاندي فقير ڀيل (فنڪار): سنڌ جو مشھور ناچو ڪلاڪار، چاندي فقير ولد اجيم ڀيل، 10 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ مالهيءَ جو پار تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. سندس مائٽ مسڪين ۽ هر هاري هُئا. جيڪي بعد ۾ لڏي اچي تعلقي کپري ۾ رهيا ۽ چاندي فقير کي ڪو نہ پڙهايائون. هي ننڍپڻ کان شادين مُرادين ۽ ميلن ملاکڙن ۾ کڙتال (چپڙي) کڻي، پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي ناچ ڪري ماڻهن کان داد حاصل ڪندو رهيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڀٽ شاھہ جي ميلي بعد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس ميڊيا تي متعارف ڪرايو. ان بعد ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ جي معرفت ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. هٿن ۾ کڙتال ۽ پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي، پنھنجي فن جو مظاهرو هن انداز سان ڪندو آهي. (1) لابارو ڪرڻ (2) ڇڙائي وورائي ڪرڻ (3) جنڊ پيهڻ (4) کير ولوڙڻ (5) گاھہ لُڻڻ ۽ (6) سنڌي جُهومر هڻڻ وغيرہ. هي علڻ فقير، عبدالواحد جمالي، حسين بخش خادم، اقبال جوڳي، الھہ بچايي کوسي، غوث بخش بروهي ۽ ٻين سنڌ جي مشھور فنڪارن سان گڏ پرڏيھہ ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. چاندي فقير تعلقي کپري ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.10  عيسوي

سنڌ جو مشهور ناچو ڪلاڪار، چاندي فقير ولد اجيم ڀيل، 10 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ مالهيءَ جو پار تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪريم ڪڇي
زينت شيخ
سائين بخش ٿھيم فقير
اسلم راهي
حميره چنا
علي گل ڪلهوڙو
عاشق نظاماڻي
سوڍل فقير لغاري
استاد ظفر علي خان
بخشو ۽ صادق علي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون