چاناري

چاناري: تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز جي هڪ ديھہ، جنهن ۾ ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن. هن علائقي ۾ کوهن تي نار چاڙهي، ماڻهو زمين آباد ڪندا هئا. مقامي ماڻهو کوھہ کي چاه چوندا آهن. جنهنڪري چاهناري معنيٰ کوهن تي ٻَڌل نار. هي سلسلو بئراجن جي وهڻ کان اڳ ۾ جاري هو. هونئن بہ سنڌ ۾ ٻِناري، ٽِناري نالا گهڻا آهن. ان لحاظ کان ڪي چون ٿا چارناري لفظ ڦِري چاناري ٿيو آهي.


لفظ چاناريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو