
چاليهه حديثون2 (ڪتاب)
چاليھہ حديثون2 (ڪتاب): هي ڪتاب اصل ۾ مولانا محمد اسماعيل عودويرح جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو پهريان 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ليٿو تي ڇپجي پڌرو ٿيو هو، ان کي حاشين سان مولانا حڪيم شفيع محمد سميجي نئين سر ترتيب ڏنو آهي ۽ جون 2009ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ مولانا محمد اسماعيل عودويرح جي سوانح حيات ۽ علمي خدمتن تي پروفيسر عبدالوحيد مورياڻيءَ جو لکيل مضمون ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ ننڍا ننڍا عنوان ڏئي، نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جون حديثون ڏنيون ويون آهن. هر عنوان کان پوءِ حديث جو عربي متن، ترجمي ۽ تشريح سان ڏنو ويو آهي. آفيسٽ پيپر جي رنگين ٽائيٽل سان 70 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 16 روپيا ڄاڻايل آهي.