ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘

ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘: ڄيٺا لال ايسراڻي، 6 اپريل 1936ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو، هن جون سنڌي گائڪ ۽ سنگيتڪار طور اڌ صديءَ کان مٿي خدمتون آهن، هن ڪيترا فلمي ۽ غير فلمي گيت ڪمپوز ڪري ڳايا. ڀارت ۾ ٺهندڙ سنڌي فلمن جھڙوڪ: ’لاڏلي‘، ’اڃا تہ مان ننڍڙي آهيان‘، ’شل ڌيئر نہ ڄمن‘ وغيرہ ۾ گيت بہ ڳاتائين. سنڌي فلم ’لک لھي ٿي لوڏ‘ (جا رليز نہ ٿي سگهي) ۾ پڻ هن گيت رڪارڊ ڪرايا هئا. سنگيتڪار جي حيثيت ۾ سنڌي فلم ’رات هڪ طوفان جي‘ کانسواءِ هندي ۽ پنجابي فلمن: ’ٻالڪ ڌرو‘، ’مايا مڇندر‘، ’ميران شام‘، (هندي) ۽ ’گورک ڌنڌا‘ (پنجابي) ۾ بہ سنگيت ڏنو آهي. فلم ’گموجا‘ لاءِ بہ مهيندر ڪپور سان گڏ گيت ڳايل اٿس. ملند ڪالوني بمبئيءَ ۾ رهائش هئس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.04.06  عيسوي

هن جون سنڌي گائڪ ۽ سنگيتڪار طور اڌ صديءَ کان مٿي خدمتون آهن، هن ڪيترا فلمي ۽ غير فلمي گيت ڪمپوز ڪري ڳايا. ڀارت ۾ ٺهندڙ سنڌي فلمن جهڙوڪ: ’لاڏلي‘، ’اڃا ته مان ننڍڙي آهيان‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ وغيره ۾ گيت به ڳاتائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاڪم علي زرداري
حاجي ولي محمد نظاماڻي
حڪيم عبدالرئوف
صديقي جھانگير
رياض الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر
خميسو خان
پائلا
ڄام محمد ايوب عالياڻي
ڀڳت تيرٿ گر
ڏيرو عبدالڪريم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون