ڄام نظام الدين سمو: سنڌ ۾ سمن جي صاحبيءَ جي آخري حاڪم ڄام نظام الدين سمي کي سنڌ جا ماڻهو قرب ۽ محبت منجهان ’ڄام نندو‘ سڏيندا هئا. ڄام نظام الدين سمن جي دور جو آخري ۽ آزاد سنڌ جو پويون تاجدار هو، جنهن 25 ربيع الاول 866ھہ/ 29 ڊسمبر 1461ع کان 914 ھہ/ 1508ع تائين نہ رڳو ملڪ سنڌ تي فرمانروائي ڪئي، بلڪ ماڻهن جي دلين تي بہ راڄ ڪيو.
ڄام نندو نهايت ئي نيڪ ڪردار ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جري ۽ خوش اطوار سلطان هو. جاھہ ۽ جلال، شان ۽ شوڪت ۾ سندس ثاني ٻيو ڪو ڪونه ٿيو. سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني سنڌ لاءِ سچي پچي رحمت ثابت ٿي. ملڪ ۾ امن امان هو، خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه هو، سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيا، سڄو ملڪ ريان کيان هو، دينداري ۽ دنياداري ملڪ ۾ ٻئي گڏوگڏ هيون، ديني ۽ دنيوي علمن جي اشاعت سنڌ جي چئني ڪنڊن ۾ انتهائي عروج تي هئي. مدرسا ۽ خانقاهون آباد، رعيت، امير، وزير ۽ سپاهي سڀ آرام ۽ آسائش ۾ هئا. جيسين پاڻ زندہ هو، تيسين ڪنهن بہ ڌارئي کي همت ڪانہ ٿي، جو سنڌ ڏانهن اک کڻي نهاري. ڄام نندي جي پاڪبازيءَ، زهد ۽ تقويٰ جا ڪيئي قصا مشھور آهن. تاريخ ۾ ان جا ڪيترا مثال محفوظ آهن. تاريخ ۾ اچي ٿو تہ قاضي عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي ان ڪري پڙهائي، جو هو سموري زندگي باوضو رهندو هو ۽ ڪڏهن پنھنجي اوگهڙ ڪانہ ڏٺي هئائين. ٺٽي ۾ ڪيترا پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ موجود هئا، ليڪن اهي وصفون فقط سنڌ جي سلطان ۾ موجود هيون. انهيءَ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ سبب ئي هڪ روايت مطابق پير مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز بہ ڄام نندي ئي پڙهائي. مشھور آهي تہ جڏهن هو گهوڙن جي ڪُڙھہ ۾ ويندو هو تہ انهن جي پٺيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو: ”خدا اهو ڏينهن نہ آڻي، جو سواءِ ڪنهن سبب جي، آءٌ اوهان تي سواري ڪريان! دعا آهي تہ ڪنهن بيگناھہ جو خون منهنجي هٿان اوهان تي سواري ڪندي نہ وهي. آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ پنھنجي خدا اڳيان قيامت ڏينهن شل شرمندو نہ ٿيان!“
ڄام نظام الدين سمي جي هيٺينءَ رباعيءَ مان بہ سندس سيرت ۽ ڪردار تي روشني پوي ٿي:
اي آنـڪ ترا نظام الــــــدين مــــــي خوانـند،
تو مفتخري ڪه مرا چـُنيــن مـــي خوانـند،
گـر در رهِ ديـــــن از تـــــــو خـــــطائي رفــته،
شڪ نيست ڪه ترا ڪافر لعين مي خوانند.
سڀني مؤرخن، سنڌ جي هن نيڪ نام سلطان جي تعريف ڪئي آهي ۽ سندس دؤر کي امن ۽ سڪون، ايمان ۽ اخلاق، نيڪي ۽ ديني بلنديءَ جو دؤر ليکيو آهي. ’ماثر رحيميءَ‘ جو مصنف لکي ٿو تہ: ”درميان سلاطين سنده چه ڪه درميان سلاطين هندوستان بفضيلت و حالت او نبوده.“ (سنڌ ڇا، بلڪ سموري هندستان ۾ هن جهڙو ديندار، متقي ۽ صاحب فضيلت بادشاھہ ڪونه ٿيو.) مغل دؤر جي هن مؤرخ جو اهو قول وزندار ۽ وڏي ۾ وڏو اعتراف آهي. ساڳيو مصنف لکي ٿو تہ: ”سندس دؤر ۾ عالم صالح، بزرگ ۽ فقير سڀ خوش و خرم، ۽ رعيت خواھہ سپاهي فارغ البال ۽ آسودہ حال هئا.“
’تحفـة الڪرام‘، ’مقالات الشعراء‘، ’حديقـﺒ الاولياء‘، ’تحـفـﺒ الطاهـريـن‘، ’مڪلي نامہ‘ ۽ ٻين تذڪرن توڙي تاريخن ۾ اسان کي اُڪيچار سنڌي عالمن، بزرگن، مشائخن، محدثن ۽ شاعرن جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن هن سلطان جي دور ۾ سنڌ اندر، اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان ديني ۽ دنيوي علمن کي فروغ ڏيڻ ۾ اڻ وسرندڙ ڪوششون ۽ خدمتون ڪيون، اهڙيءَ ريت امن، راحت، فراغت ۽ خوشحاليءَ جون خبرون جڏهن ڏورانهن ڏيهن تائين پهتيون، تڏهن سنڌ کان ٻاهر جي مشاهيرن بہ قطار در قطار هن طرف رُخ رکيو. سلطان نظام الدين جي آخري دؤر ۾ ايران، خراسان ۽ ماوراءِ النهر مان ايڏيءَ ڪثرت سان عالم، فاضل ۽ شاعر اچي پهتا، جو انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڄام نندي کي ننگر ٺٽي ۾ الڳ محلا مخصوص ڪرڻا پيا. چون ٿا تہ حافظ شيرازي پڻ سنڌ اچڻ جو سوچيو هو، پر حالتن سبب نہ اچي سگهيو. وچ ايشيا ۾ اهو زمانو سخت بدامنيءَ ۽ طوائف الملوڪيءَ جو هو. هن دور ۾ سنڌ ۾ ڪي اهڙا عالم ۽ دانشمند بہ اچي پهتا، جن جو اچڻ سچ پچ تہ سنڌ لاءِ هڪ نعمت هو. مثلاً: مولانا عبدالعزير (اُبهري) ۽ پٽس مولانا اثيرالدين پـنهـنجـي سـمـوري خـانـدان سـميـت هـتي پهتا، علم جي اشاعت لاءِ مدرسو جاري ڪري، انهن علم جي طالبن جي آس ۽ پياس پوري ڪئي. عـلامه جـلال الـديـن دوانـي (الـمتوفـي 908 هـه/ 1502ع) سـنـڌ ۾ اچـڻ لاءِ تيـار ٿيو. ڄام نندي راھہ خرچ بہ ڏانهس موڪليو، پر افسوس تہ خرچ پهچڻ کان اڳ مولانا لاڏاڻو ڪري ويو. علامہ دوانيءَ جا ٻہ جَيَد شاگرد، مير شمس ۽ مير معين ٺٽي ۾ آيا، جن هتي رهي ديني ۽ دنيوي علم جي اشاعت ۾ ڀلئون ڀل بـهـرو ورتو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن نيڪ نـام سـلـطان ڄــام سمـي جي دؤر ۾ڪيترن بيروني عالمن هتي پناهگزين ٿي، شاهي سرپرستيءَ هيٺ، سنڌ کي علمي فائدو رسايو. ڄام نظام الـدين جو اهو سلوڪ، صرف پنھنجي مذهب ۽ رعيت سان نہ هو، بلڪ سنڌ جي غير مسلم رعايا بہ انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي. تاريخ ۾ ڪيترن هندو اميرن جا نالا اسان کي ملن ٿا، جيڪي سندس دؤر ۾ حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا. عام هندن پڻ مسلمان رعيت وانگر خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ سان پنهنجو وقت خيرخوبيءَ سان گذاريو ٿي. نہ مذهبي دُوئي هئي ۽ نہ ديني دنگا هئا، بلڪ انهيءَ قسم جو تصور بہ سندس زماني ۾ موجود نہ هو. سلطان پنھنجي چوڌاري مجلس خواه مصلحت، ملڪي ڪاروبار خواه حڪومت جي نظام هلائڻ لاءِ چيدا چيدا ماڻهو رکيا هئا. وڏو مردم شناس بادشاھہ هو، تاريخ ۾ اسان کي سندس واسطيدار ماڻهن مان ڪوبه هڪ ماڻهو غلط قسم جو ڪو نہ ٿو ملي. دولھہ دريا خان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاھہ منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏٺا. پاڻ وٽ آڻي سندس پرورش ڪيائين ۽ اعليٰ پيماني تي تربيت ڏئي، معمولي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙهيندي، کيس وزير اعظم جي عهدي تائين وڃي رسايو. سنڌ جي فوجن جي سپھہ سالاري بہ سندس سپرد هئي. ’مبارڪ خان‘ ۽ ’خان اعظم‘ جا خاصا خطاب ڏئي، سندس مرتبو بلند ڪندي، آخر ۾ کيس پنھنجي فرزنديءَ سان سرفراز ڪري، عروج ۽ اقبال منديءَ جي آخري منزل تائين پهچايائين. انهيءَ قسم جي مردم شناسيءَ جا ڪيئي مثال سلطان نظام الدين جي دور ۾ اسان کي ملن ٿا. مثلاً: سندس پهريون وزير دلشاد خان بہ شجاعت ۽ انسانيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. بکر جي صوبي ۾ هُن جيڪي سڌارا آندا، سي تاريخ ۾ سندس ڪارڪردگيءَ جو روشن مثال آهن. اهڙيءَ طرح ڪيئي امير ۽ مشاهير، سلطان جي بزم جا روشن چراغ هئا. اهو ئي سبب هو، جو سندس سلطنت مستحڪم، ملڪي نظام محڪم ۽ سموري سنڌ، جيسين جيئرو هو، تيسين خوشحال رهي. ڄام نظام الدين جو دؤر (866 ھہ/ 1461ع - 914ھہ/ 1508ع) ٻئي هڪ لحاظ سان بہ تاريخ ۾ يگانو هو. جنهن وقت سلطان جي سنڌ تي حڪومت هئي، ان وقت پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ، حسن اتفاق سان، سڀئي بادشاھہ هن وانگر ئي جليل القدر ۽ ناميارا هئا. تاريخ غير معمولي بادشاهن جي اهڙي يڪجائي ڏاڍو مشڪل سان پيدا ڪندي آهي. سنڌ ۽ گجرات وارن جي مٽي مائٽي بہ هئي. ان کان سواءِ سندن ثقافتي تعلقات بہ ڏاڍا گهرا هئا. اتي سلطان محمود بيگڙي جهڙو ناميارو بادشاھہ (1458-1511ع) حڪومت ڪري رهيو هو. بھلول لوڌي، دهليءَ (1451-1489ع) جو بادشاھہ هو. مانڊوي ۾ غياث الدين بن محمود خلجي (1458-1500ع) حڪمران هو. سلطان محمود بهمني دکن جو (1473- 1516ع) بادشاھہ هو. ڪشمير ۾ سلطان زين العابدين (1420-1470ع) جو راڄ هو. ملتان تي سلطان حسين لانگاھہ (1460-1502ع) جي حڪومت هئي. مارواڙ جوڌپور ۾ راجا جوڌا (1438- 1488ع) حڪمران هو. اهڙيءَ طرح هڪ طرف هندستان ۾ اهي عظيم الشان بادشاھہ هئا، ٻئي طرف سنڌ جي ٻئي پاڙيسري ملڪ خراسان تي، شاھہ حسين بايقرا (1458-1506ع) جي حڪومت هئي، جنهن جي علم پروري ۽ ادب نوازي، تمدن ۽ تھذيب جي هاڪ تاريخ ۾ مثالي آهي. ڄام جي وفات 1508ع ۾ ٿي. بعد ۾ سندس پٽ فيروز ۽ شھزادو صلاح الدين تخت ۽ تاج لاءِ پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. ڄام صلاح الدين گجرات کان ۽ ڄام فيروز ارغونن جا ڪٽڪ قنڌار کان وٺي آيو، جنهنڪري سمن جو دور 927ھہ مطابق 1520ع ۾ دولھہ دريا خان ۽ سندس پٽن جي شهادت کانپوءِ انت تي پهتو. نيٺ ارغونن کي موقعو مليو. هنن 927 ھہ مطابق 1520ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري، سمن جي سلطنت جو خاتمو آڻي ڇڏيو.
ڄام نظام الدين جو مقبرو، جنهن جي واکاڻ ’مڪلي نامہ‘ جي مصنف بہ ڪئي آهي، تعميري مهارت جو نهايت ئي نادر نمونو آهي.