ڄام غلام شاهه ڪوريجي جو مقبرو

ڄام غلام شاهه ڪوريجي جو مقبرو

ڄام غلام شاھہ ڪوريجي جو مقبرو

ڄام غلام شاھہ ڪوريجي جو مقبرو: هن مقبري کي عام طور تي ڄام بجار خان جو مقبرو بہ چيو وڃي ٿو، بجار خان سندس عرفيت هئي لسٻيلي ۾ موجود ڄام صاحبن جو هي تاريخي قبرستان آهي. آڳاٽي روايت مطابق هن مقام ۾ موجود قبرون چوکنڊيءَ جي فن جو اعليٰ ۽ نادر نمونو آهن، جن مان ڄام غلام شاھہ ڪوريجي (ڄام بجار) جو مقبرو بہ چوکنڊيءَ جو اعليٰ مثال آهي. مقبري جي اڏاوت جو سال 1190ھہ/1776ع ڄاڻايل آهي. جيتوڻيڪ گهڻو وقت گذرڻ سبب مقبري جي شروعاتي نقش و نگار ۾ ڪي معمولي تبديليون آيون آهن، تنهن هوندي بہ هن مقبري جي حشمت ۽ دلڪشي اڃان تائين برقرار آهي. هي مقبرو مجموعي طور ڳاڙهسري جوڌپوري پٿر تي اڪر جي نفيس ڪم سان جڙيل آهي. چورس ايراضيءَ جي وچ تي ڄام غلام شاھہ جي مقبري کي ڪل 8 ٿنڀا آهن، جن تي مستطيل انداز ۾ ڇٽي (Umbrella) ٺهيل آهي، جنهن جي چئني ڪنڊن تي هڪ جيتري ماپ جا چار برج تعمير ٿيل آهن . جيڪي پري کان ’کٽ‘ جو ڏيک ڏيندا آهن. هن اڏاوت جو گنبذ ڊهي ويو آهي، باقي ڪجهه نشان بيٺا آهن. کليل ميدان تي واقع هن ڇٽي نما مقبري جا چئني طرفن کان ٻہ ٻہ گول ونگن وارا ڪل اٺ لنگهه (گذر گاهون) آهن. ڇٽيءَ ۽ لنگهن جي وچ واري حصي تي ٻاهرئين طرف جوڌپوري پٿر تي اڪر جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. ڄام غلام شاھہ جي مقبري تي بہ اڪر جا خوبصورت نقش و نگار چٽيل آهن. مزار جي سيرانديءَ جو هيٺيون حصو لهردار لڪيرن ۽ ٽڪنڊن خانن سان ورهائي سجايل ۽ سينگاريل آهي، جڏهن تہ مٿئين حصي تي ڄام غلام شاھہ ڪوريجي جي نالي ۽ وفات جي سن جو ڪتبو نصب ٿيل آهي، سندس ڪتبي وارو پٿر مولھہ وانگر آهي ۽ ان قسم جا ڪتبا رڳو حاڪمن جي قبرن تي ٺاهيندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو