ڄام سيف ﷲ ڌاريجو:

ڄام سيف ﷲ ڌاريجو: پ پ پ اڳواڻ ڄام سيف ﷲ ولد ڄام عبدالستار ڌاريجو، 7 جون 1962ع تي عادلپور، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي اٿائين. سندس سياسي وابستگي شروع کان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي. پهرين چونڊ 1988ع ۾ وڙهيو، ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. 1990ع کان 1993ع تائين قومي اسيبمليءَ جو ميمبر رهيو. ان کانپوءِ 1997ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ايم. پي. اي ٿيو، 2002ع کان 2007ع تائين بہ پ پ جي ٽڪيٽ تان چونڊجي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 2008ع وارين چونڊن ۾ پي. ايس- 3، سکر- 3 (پنو عاقل تڪ) تان اليڪشن کٽڻ بعد صوبائي وزير مقرر ٿيو. ڪجهہ عرصو روينيو وزير بڻيو ۽ هن وقت آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير آهي. سندس ڀاءُ ڄام اڪرام ڌاريجو پڻ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.06.21  عيسوي

پ پ پ اڳواڻ ڄام سيف الله ولد ڄام عبدالستار ڌاريجو، 7 جون 1962ع تي عادلپور، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي اٿائين. سندس سياسي وابستگي شروع کان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد بيبو خان
فضل ﷲ انڍڙ
جان محمد جانڻ منگي
سيد مظفر علي شاھہ مظفر
فريال ٽالپر
پريـم پارڪـري پـارو مل پريمي
راءِ ڏياچ
اسڪندر مرزا
ايوب فقير
سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون