ڄام جرار: ڄام جرار ڪڪرالي جو حاڪم ٿي گذريو آهي. ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”جڏهن ڪڪرالي جو حاڪم 1000ھہ/ 1591ع ۾ ڄام جرار هو، تڏهن ڌاراجا جو حاڪم بہ زندھہ هو، جيڪو ڄام جرار جو دوست ۽ همعصر هو. روايت آهي تہ هڪ ڏينهن ڄام جرار کي اکين ۾ سخت سور پيو، ڌارا جيءَ جو راڻو اهو ٻڌي کيس پڇڻ لاءِ ويو. هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هجڻ ڪري ڄام جرار پنهنجو مٿو راڻي جي گوڏي تي رکي چيو تہ مون کي ڪا سچي ڳالھہ ٻڌاءِ، متان خدا تعاليٰ انهيءَ جي برڪت سان منهنجي اکين جو سُور لاهي. ڌاراجيءَ جي راڻي چيو تہ: ”سچ جو شاهد خدا ڪافي آهي، مون کي ڪجهہ ڏينهن پهرين سمنڊ جو سير ڪري پرين جو حال معلوم ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. سو ڪجهہ رسد ۽ سامان سوڌا جھاز پاڻ سان کڻي سمنڊ ۾ گهڙي پيس. ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي اهڙي هنڌ پهتس، جتي اڳ ۾ ڪو بہ ماڻهو نہ پهتو هو. دل ۾ چيم تہ اڃا بہ اڳتي وڃڻ گهرجي، شايد ٻئي ڪناري جو پتو پئجي وڃي، اتفاقاً هلندي هلندي وڃي ظلمات پهتس، جتي سڀ جھاز غرق ٿيڻ لڳا، مون هڪدم ٽپو ڏئي پنھنجي جان بچائي ۽ هڪ وڻ تي وڃي ويٺس، انهيءَ وڻ تي هڪ وڏي پکيءَ جو آکيرو هو. مون رات اتي ئي گذاري ۽ صبح جو انهيءَ پکيءَ جي ٽنگن ۾ چنبڙي پيس، جنهن مون کي اچي هڪ جبل تي ڇڏيو. آءٌ حيران هئس تہ ڪٿان جو ڪٿي اچي پهتو آهيان، ﷲ پاڪ انهيءَ پکي (سيمرغ) جي مدد سان مون کي ظلمات مان آزاد ڪيو. ان کانپوءِ آءٌ آبادي جي ڳولا ۾ نڪتس، اوچتو هڪ عبادتگاھہ جي زيارت جو شرف حاصل ڪيم ۽ حضرات حسنين ڪريمين عليهم السّلام جي زيارت ٿي، جن مون کي سلامتيءَ جي خوشخبري ڏني. ٿڪل هئس اتي ئي ننڊ اچي وئي. ايتري ۾ اتي پرين جي هڪ ٽولي اچي نڪتي ۽ مون کي پاڻ سان کڻي وئي. خدا ٿو ڄاڻي آءُ ڪٿي رهندو هئس، مون کي ڪا خبر نہ آهي پر اتي نعمتن جي ڪا بہ ڪمي نہ هئي. ٿوري وقت گذرڻ کانپوءِ وطن جي حب، دوستن ۽ مٽن مائٽن جي ياد ۾ غمگين رهڻ لڳس، پرين جي سردار منهنجو حال ڏسي دلداريءَ خاطر پڇا ڪئي. مون کيس ٻڌايو تہ سفر ۾ گهڻا ڏينهن گذري ويا آهن، خبر نہ اٿم تہ منهنجي پوين جو ڪهڙو حال هوندو. اتي پرين جي سردار مون کي چيو تہ جيڪڏهن موٽڻ جو پڪو واعدو ڪرين تہ توکي اتي جو اتي وطن پهچايان. مون وطن ۾ اٺن ڏينهن رهڻ جو واعدو ڪيو، جنهن تي پرين گهڙيءَ ۾ مون کي پنھنجي ڳوٺ جي ٻاهران اچي ڇڏيو ۽ چيائون تہ اٺين ڏينهن هتي اينديون سين، تون حاضر رهج. مان اچي پنھنجي اهل وعيال سان مليس ۽ اهو واعدو دل تان لاهي ڇڏيم. خدا جي قدرت سان واعدي جي وفائي مون کي نصيب نہ ٿي، انهيءَ کانپوءِ ڊگهو عرصو گذري چڪو آهي، پر پرين جي پار جا مزا اڄ بہ ياد آهن.“ اتي پهچي ڌاراجي جي حاڪم چيو تہ جيڪڏهن هيءَ ڳالھہ سچي آهي تہ ﷲ تعاليٰ توکي جلد شفا ڏيندو. اتي ڄام جرار چيو تہ: ”بيشڪ منهنجا سڄڻ! تون سچو آهين ۽ ﷲ پاڪ حضرت حسنين ڪريمين عليهم السّلام جي صدقي ۾ شفا ڏئي چڪو آهي“.