
ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي مزار ڪينجھر

ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي مزار مڪلي
ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي مزار: ڄام تماچي سمن جي گهراڻي مان سنڌ جو تخت ڌڻي ٿي گذريو آهي، جنهن جو ڪينجهر جي ملاحن ۾ پيدا ٿيل سدا ملوڪ، سھڻي سيرت واري پدمڻي عورت نوريءَ سان عشق ۽ پوءِ وهانءُ ٿيو هو. هنن جي عشقيہ داستان کي لوڪ ادب ۾ وڏي اهميت حاصل آهي ۽ ڀٽ ڌڻي شاھہ عبداللطيف رح سندن قصي کي ڳائي اجاگر ڪيو، جهڙي ريت سنڌ جي قديم تاريخ مستند دستاويزي ثبوتن نہ ملڻ ڪري اڄ بہ اوجهل آهي ۽ ڪيترو تاريخي ورثو دڙن ۽ کنڊرن ۾ دٻيو پيو آهي. اهڙيءَ ريت ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي آخري آرامگاهن بابت بہ ڪيترا انومان ملن ٿا. عام ماڻهو نوريءَ جي مزار ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ هوندڙي فقير جي قبر سان گڏ ڄاڻائين ٿا، جنهن تي ڍنڍ گهمڻ لاءِ ايندڙ اڪثر مقامي ۽ غير مقامي سياح ويندا آهن، پر تاريخ تحفة الڪرام جو مصنف علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو تہ: ”ڄام تماچي ۽ نوريءَ جون مزارون مڪلي تي ڄام نظام الدين (ڄام نندي) جي مقبري ويجهو اتر ۾ قائم هڪ ٽڪنڊي ڇٽيءَ ۾ واقع آهن، جتي شيخ حماد جماليءَ جي مزار بہ موجود آهي.“ عام روايت آهي ته، جيئن تہ ڄام تماچي شيخ حماد جو معتقد هو، اُن ڪري هن جي مزار سندس پيرانديءَ ۾ هئڻ واري ڳالھہ وزن رکي ٿي.