ڀڳوان ٽلواڻي

ڀڳوان ٽلواڻي: ليکڪ، شاعر ۽ اداڪار ڀڳوان ٽلواڻي پھرين جنوري 1937ع تي ٻوٻي تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو، تعليم بي. اي تائين حاصل ڪيائين. هن ڪھاڻي، شاعري، ناٽڪ ۽ مضمون تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”سمرتين جي زنجير“ (1971ع) ۾ ۽ ٻيو مجموعو ”پکيئڙا پرڏيھہ ۾“ (1980ع) جي عنوان سان ڇپيا، جنھن ۾ سندس 10 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن. هن جون سؤ کن ڪھاڻيون ۽ وڏي تعداد ۾ شاعري، مضمون ۽ ناٽڪ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهن، هن 30 کان مٿي ناٽڪن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي آهي.


لفظ ڀڳوان ٽلواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو