ڀڳوانُ: ھندو ڌرم وارن جو عقيدو آھي تہ ھن ڪائنات جو خالق، منتظم ۽ محافظ ”ڀڳوان“ آھي، جڏھن حق (ڌرم) کي زوال ايندو آھي ۽ خراب ماڻھو، نيڪ انسانن کي تڪليف پھچائيندا آھن. تڏھن ”ڀڳوان“ ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ ظاھر ٿي حق (ڌرم) کي قائم رکندو آهي. اھڙيءَ طرح ”ڀڳوان“ جدا جدا زمانن ۾ اوتار جو روپ وٺندو رهيو آهي. ھندستان ۾ ڀڳوان جا ڪيترائي اوتار مڃيا ويا آھن.جھڙوڪ:(1) متسيه (مڇي)، (2) ڪُورما (ڪمي)، (3) وارھہ (مرون)، (4) نر سِنھہ يا نري سنھہ (مٿو شينهن جو، ڌڙ انسان جو)، (5) وامن (ڄامڙو)، (6) پرسرام (ڪهاڙي وارو)، (7) رام چندر (8) شري ڪرشن، (9) گوتم ٻڌ، (10) ڪلڪي يا ڪَلڪِن (اڇو گهوڙو) وغيرہ. ھندن جي عقيدي موجب، جيڪو ڀڳوان جو دامن وٺي ٿو، سو ڄڻ ان جي پناھہ ۾ اچي ويندو آهي. ھندوستان ۾ ھيءُ مسئلو ھميشه زير بحث رھيو آھي تہ سڀ ڪجهہ ترڪ ڪري سنياس وٺڻ ۾ آزادي يا مڪتي حاصل ٿئي ٿي يا پنھنجا سڀ فرض پورا ڪرڻ سان نجات ملي ٿي يا ڀڳوان جي ڀڳتي ڪرڻ سان زندگيءَ جو مقصد حاصل ٿئي ٿو يا صرف آتما ۽ پرماتما جو گيان حاصل ڪرڻ سان انسان کي نجات حاصل ٿئي ٿي. گيتا ۾ ٽيئي ڳالھيون، ڪرم، گيان ۽ ڀڳتي، انسان جي بھبوديءَ لاءِ ضروري ٻڌايون ويون آھن، پر انھن کي مڪمل ڪرڻ جو صحيح طريقو معلوم ھئڻ گهرجي، جو ان جي موٽ ۾ ڪا بہ خواھش نہ رھي. فرضن کي ترڪ ڪري سنياس وٺڻ مناسب ناھي، ڇاڪاڻ تہ جيستائين حياتي آھي تہ ڪم تہ ڪرڻو ئي پوندو، انھيءَ ڪري انھن کي ترڪ ڪرڻ سان نه، پر انھن جي اجوري جي خواھش کي ترڪ ڪرڻ سان تاحيات ذاتي فرض ادا ڪندو رھجي. ايشور ڀڳتيءَ جي معنيٰ اھا آھي تہ انھيءَ ”ڀڳوان“ کي، جنھن ھيءَ ڪائنات خلقي آھي، ھر شيءِ ۾ موجود سمجهي، ھر وقت ۽ ھر ھنڌ ان جي ھستيءَ کي تسليم ڪري ۽ سڀني انسانن جي دلين ۾ ويٺل سمجهي، سڀني سان پيار ڪرڻ گهرجي، فقط ھڪڙي خاص صورت ۾، خاص ھنڌ تي ”ڀڳوان“ کي محدود نہ سمجهڻ گهرجي. آتما يا برھم گيان جي معنيٰ بہ اھا ئي آھي تہ ھر ھنڌ، ھر ھڪ ساھواري ۾، ھر وقت ان کي حاضر ناظر سمجهيو وڃي. انھيءَ لحاظ کان گيتا ۾ ڪرم، ڀڳتي ۽ گيان جو اھو ھڪڙو ئي مطلب آھي تہ سموري خلقت کي ”ڀڳوان“ ئي سمجهيو وڃي. اپنشدن ۾ بہ اھو ئي ٻڌايو ويو آھي تہ سڀني سان ھڪجهڙي سلوڪ سان ھلڻ ۽ سڀني شڪلين ۾ ”ڀڳوان“ ئي ڏسڻ گهرجي. گيتا جي تعليم مطابق انسان جو روح امر يا لافاني آھي ۽ جسم فاني آھي. جڏھن جسم پراڻو ۽ ڪمزور ٿي ويندو آھي تہ روح ان کي ڇڏي وڃي ٿو ۽ ٻيو جسم اختيار ڪندو آھي، انھيءَ ڪري ڪنھن جي مرڻ تي افسوس نہ ڪرڻ گهرجي، ڇو تہ اھو ختم نہ ٿيو آھي، بلڪہ ھميشه لاءِ قائم رھڻ وارو آھي.