ڀڳت گهنشام

ڀڳت گهنشام

ڀڳت گهنشام گهنشو ڀڳت

ڀڳت گهنشام/گهنشو ڀڳت: ڀڳت گهنشام، جنھن کي گهنشو ڀڳت جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. 8 آگسٽ 1935ع تي باگڙجي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. سندس والد ويڙهارام بہ مشھور ڀڳت هو. سندس ڪيتريون ئي ڀڳتي ڪيسيٽون جاري ٿيل آهن. ڀڳت ڪنور رام جا ڪلام، ان جي ئي آواز ۾ ڪاميابي سان ڳائڻ ڪري کيس گهڻي مقبوليت ملي. ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو ۽ الهاس نگر ۾ رهيو. کيس هند جي سنڌي پئنچائتن پاران ڪيترائي اوارڊ ۽ سونا ٻلا مڃتا طور مليا. هُو خود بہ شاعر هو. هن ڀڳت جي نج سنڌي ثقافت کي بچائڻ لاءِ سڄي هندستان جو دورو ڪري سنڌي ڀڳت جي رنگ ۽ ثقافت کي عام ڪيو. 28 جون 1985ع تي الھاس نگر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.08.08  عيسوي

ڀڳت گهنشام 8 آگسٽ 1935ع ڌاري ڀاگوري ضلعي سکر ۾ جنم ورتو


1985.06.28  عيسوي

گهنشام ڀڳت 28 جون 1985ع ۾ الهاس ننگر ۾ ديهانت ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحڪيم سومرو مولانا
علي محمد بيگ ميرزا
آخوند اقبال احمد
عثمان صديقي مخدوم
بئريسٽر عبدالرحمان
چانڊيو احمد علي ’صابر‘
بلاول زرداري
عبدالحسين جعفري
مير ابوالبقا بهرور علي سبزواري
بولو کيدو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون