ڀڳت پنجو رام

ڀڳت پنجو رام: سنڌ جي سنت پنجو رام'>ڀڳت پنجو رام 23 جنوري 1923ع تي ڳوٺ سرحد (عمر ڊهي) ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو ڀائي بخت رام ۽ ماءُ جو نالو کلڻي ٻائي هو، کيس ننڍي هوندي کان ئي ايشور ڀڳتي طرف لاڙو رهيو. هي روزانو ست سنگ ۽ پوڄا پاٺ ڪندو هو. مٿس ڀڳت ڪنور رام جو ننڍي هوندي کان ئي وڏو اثر هو، جنهن ڪري انهن جون ڀڳتيون ٻڌي ۽ ڀڳت ڪنور رام جو غريب مسڪينن لاءِ پيار ڏسي چوندو هو تہ مان بہ پنھنجي زندگي ڀڳت جي ڏسيل واٽ تي گذاريندس. سنڌي چار درجا پاس ڪيائين. 1941ع ڌاري گهوٽڪي جي ڀائي منشي رام جي ڌيءَ سران ٻائي سان شادي ٿيس. ورهاڱي وقت 1947ع ڌاري پنهنجو ڳوٺ سرحد (عمر ڊهو) ڇڏي گهوٽڪيءَ ۾ اچي آباد ٿيو. هن راڳ وديا جي سکيا ڏهرڪيءَ جي مشھور استاد جهنڊي فقير کان ورتي ۽ هن پنھنجي مرشد راما رام صاحب کان متاثر ٿي ڀڳتيءَ جو رستو اختيار ڪيو ۽ کيس جيڪو ڪجهہ ملندو هو اهو غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. هو ڀڳتن جي ٽولي سان سنڌ جي هر ڳوٺ هر شھر کانسواءِ بلوچستان ۽ هندوستان بہ ويو. پنجو رام'>ڀڳت پنجو رام 21 مئي 2001ع تي ديهانت ڪري ويو.


لفظ ڀڳت پنجو رامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو