ڀڳت هاسارام پنجواڻي

ڀڳت هاسارام پنجواڻي

ڀڳت هاسارام پنجواڻي

ڀڳت هاسارام پنجواڻي: ڀڳت هاسارام پنجواڻي 2 ڊسمبر 1934ع تي باگڙجي، ضلعي سکر، سنڌ ۾ جنم ورتو. سندس والد ويڙهارام به مشھور ڀڳت هو. جنھن کيس ڀڳتي بابت مڪمل سمجهاڻي ڏيڻ کانپوءِ ڀڳتيءَ جا باقي رنگ سکڻ لاءِ نون سالن جي عمر ۾ ڀڳت پنجورام وٽ موڪليو، جنھن کيس ڀڳت وجهڻ، ڳائڻ، نچڻ، ڍولڪ ۽ هارمونيم وڄائڻ جي سکيا ڏني. هن ڪجهه وقت موٽڻ ڀڳت سان پڻ گڏجي ڀڳت وڌا ۽ پوءِ الڳ ٽولي ٺاهي. ورهاڱي بعد اجمير، ڀارت ۾ وڃي رهيو. هن اتي سنڌي ڀڳت کي اصلي رنگ، ناچ ۽ ڪٿا گائڪيءَ ۾ مقبول ڪيو. سنڌي لوڪ قصن کي ڏوهيڙن ۽ ڪٿا واري انداز ۾ ڳائڻ سبب گهڻو مقبول ٿيو. هندستان جي اڪثر سنڌي وسندين ۾ ڀڳتي پروگرام ڪيا. سندس ڀڳتي ڪلامن جون ڪيتريون ڪئسٽون پڌريون ٿيون. کيس ’راجستان سنڌي ڪنوررام اڪيڊمي‘جئپور، 1992ع ۾ اوارڊ ڏنو. 25 نومبر 2009ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.


لفظ ڀڳت هاسارام پنجواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.02  عيسوي

ڀڳت هاسارام پنجواڻي 2 ڊسمبر 1934ع تي باگڙجي، ضلعي سکر، سنڌ ۾ جنم ورتو.1934


2009.11.25  عيسوي

ڀڳت هاسارام پنجواڻي 25 نومبر 2009ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايڇ ڊبليو پريڊي
اويس قرنيِ حضرت
اي ڪي هنگل
راڻو روپاڙسنگهه
عمر بن عبدالعزيز هباري
جانڪي ديوي ٿانواڻي
ابوالفضل بيهقي
پير بخش عالماڻي
شيخ مبارڪ ريلي سيوستاني
مولانا محمد شيدا چنجڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون