ڀڙو ڀيم/ بھم جو قلعو: هي قلعو يا ڀڙو نواب شاھہ ۽ ٻانڌي ريلوي اسٽيشن جي وچ تي آمر جي ڪئنال جي ڀر ۾ آھي. ٻانڌيءَ کان ٽن ميلن جي پنڌ تي ھي دڙو 40 ايڪڙن تي پکڙيل آھي. دڙي جو مکيہ ڀاڱو اتر طرف 25 ايڪڙن تي مشتمل آھي. اتر ڏکڻ ۾ 10 کان 15 فوٽ اوچو آھي. هن دڙي جي پاڪستان آرڪيالاجي کاتي پاران کوٽائي ڪرايل آھي.
وٿون: (1) ھيٺ قلعي جي ڀتين جا نشان برجن سميت موجود آهن، (2) ٻن پڪن دورن جا نشان مليا آھن، پر ماڳ باھہ سبب سڙي ويل ڀانئجي ٿو: (i) قلعي جي پھرئين دروازي جا نشان، (ii) قلعي جي ڀت جا نشان، جيڪا ڇھہ فوٽ کن ٿلھي آھي.
هتان مليل ٺڪراٺو چڱو پڪل آھي، جيڪو وچولو ٿلھو ۽ ھلڪي ڳاڙهي رنگ جو آھي. ٺڪراٺي ۾ دلا، ڍڪڻيون، پارڙا، ٿوٻيون وغيرہ مليون آھن، جن تي ڪاري تي ڳاڙھو سنڌو تھذيب وارو چٽ آھي. ان کان سواءِ ٺڪر تي ڳاڙھا گولڙا، ڪارا چوڪنڊا ۽ پوروڇوٽ لڪيرون ڪاري رنگ ۾ پاتل آھن. ڪجهہ شيشي جا ٽڪر، عاج جون چوڙيون ۽ ٽامي جا سڪا بہ ھٿ آيا آھن.
ھٿ آيل وٿن مان لڳي ٿو تہ ھي قلعو وچئين اسلامي دور سان تعلق رکي ٿو، جڏھن تہ دڙو اڳ تاريخي آثارن سان ڀريل آھي.