ڀٽيءَ جو ڪوٽ

ڀٽيءَ جو ڪوٽ: هي قديم ماڳ، جيڪو ديھہ نيلوفري، بلاڪ 105، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ واقع آهي. هي ماڳ هن وقت ڇھن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. دڙو زمين جي سطح کان 8-10 فوٽ اوچو آهي. کوٽائيءَ مان پڪيون سرون چورس شڪل جون ملن ٿيون. ڪوٽ جي پيڙھہ ساڍا پنج فوٽ ويڪري آهي. قلعو بظاهر چوڪور آهي. جنهن جي هر ٻانهين جي ڊيگهہ ساڍا چار سو فوٽن جيتري آهي. قلعي جو مکيہ لنگهہ اولھہ پاسي کان آهي. ٻاهران اتر پاسي رهائشي مقصد جي جاين جا پڪسرا نشان آهن. هن دڙي جي مٿان ملڻ وارين وٿن مان ٺڪراٺو، جنڊيون، سارين جا تھہ، ٺڪر جا برتن، رانديڪا، کٽين جي رنگاوت جا ڪُن بہ ملن ٿا. هن جي کوٽائيءَ مان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي. دڙي جو ڳچ حصو ڪليم هيٺ اچي ويو آهي. هن دڙي کان چند قدم ڏکڻ پاسي سروي نمبر 283 ۾ ’مقام صادق‘ نالي ڪهنو قبرستان بہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو