ڀٽو مزار/مقبرو: هي هڪ قديم مقبرو آهي، جيڪو سڪرنڊ کان 8 ڪلوميٽر اتر اوڀر تي، اتر ويڪرائي ڦاڪ260 8\\\'0\\\'\\\' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ680 9\\\' 56\\\'\\\' ڊگرين تي موجود آھي. ھن مقبري جي اولھہ ۾ 200 ميٽرن تي ڄام ڊهو ۽ هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي اوڀر ۾ ڳوٺ غلام حيدر ڀٽو آھي، اتر ۾ ھڪ ڪلوميٽر تي مراد علي رند ڳوٺ، ۽ اڌ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف ڳوٺ بنگل ديرو آهي. ھن مقبري جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گِلَ گارو، چن گارو، بھہ ۽ چن پلستر استعمال ٿيل آھن. ھي مقبرو ڊيگهہ ۾ 5.20 ميٽر ويڪر ۾5.20 ميٽر ۽ اوچائي ۾ 6.50 ميٽر آھي. رٿا چوڪنڊي اٿس. اڀرندي ڏانھن دروازي جي مٿان نوڪدار ونگ سان دروازو موجود آھي. مھاڙي گهڻ راسي جهالر ۽ ڪنارن سان سينگاريل آھي. مھاڙيءَ تي بہ گهڻ راسيون ڪناريون ۽ جهالرون، ٻيڙ ٻنا وغيرہ ٺھيل آھن. ھر پاسي خصي ونگون ڪنارين سان موجود آھن. ھر پاسي 5 عدد جارا ٺھيل آھن. مٿي ننڍا ننڍا ڪنگرا چوڌاري ٺھيل آھن ۽ اٺڪنڊي گنبذ مٿان اونڌي ٿيل ڪنول جو گل رکيل آھي. ان جي مٿان ننڍي نيل ٺھيل آھي. اندر ڪنڊ جوڙون(Squinches) گنبذ جي گول ڍانچي لاءِ اٺڪنڊو ٺاھين ٿيون. وچ گنبذ ۾ آويزو (Pendant) ٺھيل آھي. چوڪنڊي اڏاوت تي اندر راسون (Cusps) مستطيل پانيل ۽ خصي ونگون ديوارن تي ٺھيل آھن. مقبري کي جهنگلي ٻوٽا ۽ ڄاريون وڪوڙي ويون آھن. هن مقبري جي حالت تمام خراب آھي ۽ ان کي تڪڙي مرمت جي ضرورت آھي، ٻيءَ صورت ۾ هي تاريخي آثار ميٽجي ويندو. جنهن تي تحيقي جي ضرورت آهي. آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.