ڀٽائي ميين احمد جو دستخط نسخو1

ڀٽائي، ميين احمد جو دستخط نسخو1: سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ هي رسالو ميين احمد ڀٽائي ”دوشنبہ ماه ذوالقعد 1294 ھہ 1877ع“ (سومر ڏينهن، مهيني ذوالقعده 1294ھہ) تي لکي پورو ڪيو. رسالي جي خاتمي واري عبارت هن طرح آهي: ”تمام شد رساله سنڌي از دست غلام احمدي سکنه درگاھہ شاھہ صاحب عليہ الرحمة...“. هن نسخي ۾ 34 سر، 3114 بيت ۽ 217 وايون شامل آهن. متن جي حاشين ۾ ميين احمد تصوف جي مسئلن بابت فارسي ۾ اشارا آندا آهن، ۽ لفظن جي ظاهري معنائن بدران بيت جي مضمون سان موافق معنائون (فارسي ۾) پڻ لکيون آهن. هي نسخو مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي مطالعي هيٺ رهيو، جنهن پڻ بيتن جا حاشيا فارسيءَ ۾ لکيا آهن ۽ بعضي لفظي معنائون بہ لکيون اٿس. پهرئين توڙي آخري صفحي تي مير عبدالحسين خان سانگيءَ جون مهرون لڳل آهن، جن ۾ سال 1298ھہ نروار ٿيل آهي. غالباً مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي همت افزائيءَ سان ميين احمد ڀٽائيءَ رسالي جا گهڻا ڪي نقل اتاريا. اهو معلوم ناهي تہ ڪهڙي اصلي نسخي تان اتارا ڪيائين، پر هن ”دستخط“ جي سرن جي ترتيب ساڳي ڪاتب عبدالحق هالائيءَ واري آهي ۽ ٿي سگهي ٿو تہ ان جو نقل هجي. ميين احمد جا لکيل ٻہ ٻيا رسالا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو