ڀِڀڙُ
ڀِڀڙُ: ھڪ قسم جي گاھه/ ’پنِ‘ جي پاڙ. ھن گاھہ کي ڏير يا ٻِڏ بہ چوندا آھن. ھيءُ گاھہ پاڻيءَ ۾ ٿيندو آھي، جيڪو ’آبي‘ گاھن ۾ شمار ٿيندو آھي. هن گاھہ کي گهوڙا جام کائين ٿا. هي پن گاھہ جهڙو ٿيندو آهي، پر پن سنها ۽ گولاوان اٿس، جيڪي تڏن ۽ تؤنرين ۾ ڪم اچن ٿا.