ڀُرڻُو: ھيءُ پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ گاھہ آھي. جنھن کي ”ڀرڙ“ بہ چوندا آھن. ھيءَ گاھہ سنھڙين سُين جهڙو ٿيندو آھي. ھن گاھہ کي مڇيون بہ کائينديون آھن تہ چوپايو مال به، جڏھن ڍنڍ جو پاڻي سڪڻ لڳندو آھي ۽ ڪناري تي گاھہ ظاھر ٿيندو آھي تہ ٻن ٽن ڏينھن اندر سڪي ڀرڙ ٿيندو آھي، تڏھن مال کائيندو اٿس. آلي گاھہ ۾ گج ۽ سينور جي بوءِ ھوندي آھي. تازي گاھہ ۾ وري گپ ٿيندي آھي. جڏھن گپ سڪي ويندي آھي. تڏھن مال هي گاھہ چرندو آھي. ڀَرڻو مڇيءَ لاءِ بہ سٺو کاڌو آھي.