ڀُرٽ

ڀُرٽ: گاھہ جو ھڪ قسم، ھيءُ ٻوٽو وارياسيءَ زمين، ٿر ۽ جبل ۾ ٿيندو آھي. ٿر ۾ ڀِٽن، دڙن، مڙھن ۽ خاص ڪري ڏھرن جي سڌي ۽ وارياسيءَ زمين ۾ جام ٿئي ٿو. ھيءُ ٻوٽو فوٽ کن اوچو ٿيندو آھي. ان جا پن سنھا ۽ ڊگهيرا ٿيندا آھن، ان ۾ تيليون ٿين ۽ ھر تيليءَ جي ڇيڙي تي ننڍو سنگ ٿيندو آھي. ھيءُ گاھ آلو يا سائو بہ ٿئي، جنهن کي مال جام کائيندو آھي تہ سڪل بہ. ڍڳيون، مينھون، گهوڙا ۽ گڏھہ هن گاھہ کي چاھہ ۽ ڪثرت سان کائيندا آھن. سنگ نسرڻ بعد اُن جي ڪنڊن جي کوپي اندر اڇا داڻا ٿين، جيڪي غريب ماڻھو پيھي پچائي ڏٿ طور کائيندا آهن. ھي ٻوٽو ڪيترين ئي بيمارين ۾ دوا طور ڪم ايندو آھي. ڀرٽ جا سنگ ڪنڊن وارا ۽ ڀوري رنگ تي ٿيندا آھن، اِن جا ٻہ قسم ٿين ٿا، ھڪڙو جابلو ۽ ٻيو ميداني، ٻنھي قسمن مان حڪمت جي خيال کان ميداني ڀرٽ سٺو چيو وڃي ٿو. حڪيمن موجب طبي لحاظ سان فائدي وارو آھي.


لفظ ڀُرٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو