ڀَٽِڻِ جو ڍورو

ڀَٽِڻِ جو ڍورو: ڀٽڻ جو ڍورو ميھڙ کان ڏکڻ اولھہ طرف آهي ۽ ھن وقت واھہ جي صورت ۾ آھي. ھاءِ وي تي ان واھہ جي مٿان موري آھي، جنھن کي ’ٻنڊي جي موري‘ سڏيندا آھن. اھو اصل ۾ ’ڪاري ڍنڍ‘ جي نالي سان يا ’ڪارو ڍورو‘ سڏبو ھو. ھاڻي ان واھہ کي ’ڀٽِڻ وارو واھ‘ سڏيندا آھن، جيڪو ناري مان وھي ”ٻنڊي ديھہ“ کان بہ اڳتي ھلي، آبادي ڪرائي ٿو. ’ڪاري ڍنڍ‘ اڃا بہ ٺيڪي تي کڄندي آھي، ڇو تہ ڍنڍ اڃا بہ ڀٽڻ جي ڍوري سان سڏجي ٿي. ڪاري ڍنڍ اصل ۾ درياھي ڍنڍ ھئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو