ڀَنڊَ2: تعلقي دادوءَ ۾ ھڪ ديھہ، جنھن ۾ ھيٺيان ڳوٺ شامل آھن: جڙيو ڀنڊ، غلام علي ڀنڊ، ھاشم ڀنڊ، امام بخش ڀنڊ، لطف علي ڀنڊ، صاحب ڀنڊ، علي مراد، الھہ بخش ڀنڊ، رمضان ڀنڊ، دودوڀنڊ، الھڏنو بوزدار، گرماڻيءَ جو گهر، غلام رسول شاھاڻي، جمعو پنھور، فتح محمد پنجابي، سائينداد ڀنڊ، ڄام خشڪ ۽ جمال خشڪ.