ڀَلي ولايت

ڀَلي ولايت (ڪتاب ):هيءُ ڪتابڙو محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي هڪ افساني تي مشتمل آهي. هن ڪرائون سائيز ۽ ڪچي جلد واري ڪتاب ۾ 16 صفحا آهن ۽ قيمت 8 آنا آهي. ڇاپو پهريون، اسلاميہ دارالاشاعت، اسلاميہ پريس، حيدرآباد مان ڇپيو. هن افساني ۾ هڪ اهڙي زميندار جو ذڪر آهي، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ هندن جي ڇڏيل زمينن تي قبضو ڪري، ان جي ناجائز ڪمائيءَ مان حج ۽ خيراتون ڪرڻ سان گڏ عياشيون ڪري ٿو. زمين جا مالڪ هند ۾ آسائتا ٿيڻ بعد واپس زمين جي سار لھڻ لاءِ اچن ٿا تہ وڏيرو دماغي توازن وڃائي ويهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو