ڀَل: کاري ۾ نديءَ جي ڇوڙ وارا وهڪرا بہ ”درياھہ“ سڏبا آهن ۽ انهن جي اڇليل رَوَ کي ”ڀَل“ چوندا آهن. اهو ميرپورساڪري ۽ گهوڙاٻاريءَ طرف جو خاص لفظ آهي. 2000ع ۾ واهن ۾ ”ڀَلَ صفائي“ جي مھم هلي. اهو ڀَل لفظ ساڳيو ”رَوَ“ آهي، جيڪو کاري طرف ”ڀَل“ سڏجي ٿو. عام طرح چوندا آهن تہ هن سال درياھہ ڀَل ڇڏيو ۽ ڀلي آبادي ٿي. اڳي جڏهن سانوڻ ( جولاءِ-آگسٽ) ۾ درياھہ ڀرپور وهندو هو، تڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ وارا ڦاٽ، آڏو وير چڙهڻ سببان، اٿلي پاسي واري زمين ٻوڙي ڀَل ڇڏيندا هئا ۽ اُن زمين تي هزارين مڻ ساريون ٿينديون هيون.