ڀيڻي ڀارو 3

ڀيڻي ڀارو-3 (Bhaini Bharoo-III): هندستان ۾ هرياڻا صوبي جي تعلقي مهيام، ضلعي روهتڪ ۾ ڪيترائي قديم کنڊر آهن. ڀيڻي ڀارو ماڳ، ميهام کان 5 ڪلوميٽر اتر- اولھہ ۾ آهي. ٽن دڙن مان ٻہ دڙا وچين تاريخي ۽ تاريخي دور جا آهن، جڏهن تہ ٽيون دڙو پوئين سنڌو تھذيب واري دور سان واسطو رکي ٿو. هي ماڳ ڳوٺ ڀيڻي ڀارو کان 5 ميل ڏکڻ- اولھہ ۾ آهي. دڙي جون حدون ريوينيو جي ٻن ڳوٺن ۾ پون ٿيون، هڪ ڀاني ڀارو ۽ ٻيو ڌانا. خود ڌانا ۾ سنڌو تھذيب جا آثار آهن. ڀاني ڀارو جي وچان ڌانا- ڀاني ڀارو رستو نڪري ٿو. هي ماڳ ''50'1376 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ''31'0429 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هتان بہ بيدوا-2 وانگر اهڙا آثار مليا آهن، جن کي سنڌو تھذيب جي اوج واري دور جي پڇاڙي جا آثار چئي سگهجي ٿو. هتان ڪيپراٽيون ۽ هڏن جو چڱو تعداد ملي ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو تہ دڙو هڙاپا جي H سيمينٽري يعني قبرستان سان واسطو رکي ٿو. هندستان ۾ سنڌو تھذيب سان واسطو رکندڙ قبرستان بيدوا-2 ۽ پوٺي سيمان مان مليا آهن. هي ماڳ بہ انهن سان ڀيٽڻ جهڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو