ڀيرَٻَ پکي

ڀيرَٻَ پکي

ڀيرَٻَ

ڀيرَٻَ: هن پکيءَ کي چِٻ بہ چون. هي گُهگهه پکيءَ جي قسم مان اُن سان مشابهت رکندڙ ٿيندو آهي، پر قد ۾ گهگهہ ننڍيرو هوندو آهي، هن جو مٿو ويٺل، ڪن پاسن کان نوڪدار ۽ اُڀا ۽ اکيون وڏيون ٿينديون آهن. هي ڏينهن جو گهڻو ٻاهر نہ نڪرندو آهي ۽ جهونن وڻن، خاص ڪري کٻڙن (ڄار جي وڻن) جي ٿُڙن جي پورن (خالي جاين) ۾ رهندو آهي، ڀيرٻ (چٻ) رات جو ٻاهر نڪرندي آهي. ٿري مسافر هن جي ٻولڻ کي نڀاڳي سَنؤڻَ طور ويچاريندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: چٻ/ چٻرو)


هن صفحي کي شيئر ڪريو