ڀيرجي ٺڪَر

ڀيرجي ٺڪَر

ڀيرجي ٺڪَر

ڀيرجي ٺڪَر: شاعر ۽ سماجي ڪارڪن ڀيرجي ولد جالُو جي ٺڪر 04 جنوري 1968ع تي ڳوٺ جهرمريي، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ڳوٺ جهرمريي، ڏيپلي ۽ مٺيءَ مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ M.Sc (1995ع، سنڌ يونيورسٽي)، ايل. ايل. بي (2004ع) ۽ LL.M (2008ع، سنڌ لا ڪاليج، حيدرآباد) جون ڊگريون حاصل ڪيون. ‘علامہ اقبال ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو’ جي عنوان سان علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ايم. فل بہ ڪئي. يونيورسٽي ۾ پڙھڻ واري دور کان ادب ۾ لکڻ شروع ڪيو. عبرت اخبار، عبرت ميگزين ، ھلال پاڪستان ۽ ٻين ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون چپجندا رھيا. 1995ع کان OGDCL ۾ سرڪاري ملازمت ڪري رهيو آهي. سماجي ڪارڪن طور هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ پرائمري اسڪول، اسپتال ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوھہ منظور ڪرايا آهن. سندس ساروڻين تي مشتمل ڪتاب ‘وطن جا وڻ ۽ زندگيءَ جو سفر’ 2017ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.04  عيسوي

شاعر ۽ سماجي ڪارڪن ڀيرجي ولد جالُو جي ٺڪر 04 جنوري 1968ع تي ڳوٺ جهرمريي، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام محمد ڀٽو
ڀڳوان ٽلواڻي
عثمان احساني
اشرف پلي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
پاٽائي حيدر ڪلوچ
ڀڳوان نردوش
بشير احمد بشير
ٻڍل لاشاري
خالد چانڊيو1
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون