ڀوڳهڙو

ڀوڳهڙو: هڪ قسم جي خوراڪ آهي، جنهن کي ”ڀوڄ“ بہ چئجي ٿو. جيڪا گيھہ ۾ ڪڻڪ جي ڀُڳل اٽي سان کؤنر، باداميون ۽ ٻي مغزات ۽ مصري وغيرہ ملائي ٺاهبي آهي. سنڌ ۾ هي ڀوڳهڙو ويم وارين عورتن، بيماريءَ مان اٿيل ۽ ڪمزوريءَ ۾ ورتل ماڻهن کي طاقت لاءِ خوراڪ طور کارائيندا آهن. اتر سنڌ ۾ ان کي ’پنجيري‘ بہ چوندا آهن.


لفظ ڀوڳهڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو