ڀور ڍنڍ

ڀور ڍنڍ: ھيءَ ڍنڍ ڳڙھي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾، ڀور جي شھر جي اوڀر ۾ درياھہ جي ڀرسان ھئي، ھن وقت ان جو گهڻو حصو درياھہ پائي ويو آھي، جيئن تہ قديم وقت کان وٺي سنڌ تي ڌاريا ڪاهيندا رهيا آهن، تنھنڪري ڪنھن وقت ۾ ڀور ڍنڍ وٽ ھڪ لشڪر اچي لٿو ھو. روايت آھي تہ ان لشڪر ان ڍنڍ جي آس پاس جي زمينن کي پنھنجي جانورن جي چارڻ لاءِ استعمال ڪيو تہ ھڪ بزرگ اتي آيو ۽ انھن سڀني کي منع ڪيائين تہ ھن زمين مان غريب مسڪين ماڻھو گذر سفر ڪندا آھن، ھيءَ جانورن لاءِ نہ آھي، پر انھن ڪو نہ مڃيو. پوءِ بزرگ چيو تہ ڏسان تہ جانور اھو گاھہ ڪيئن ٿا کائين؟ ٿيو بہ ائين! جانور اھو گاھہ کائي ڪين سگهيا، ھڪ ھنڌ بيٺا رھيا ۽ چُري پري ڪين سگهيا، اھو ڏسي سپھہ سالار معافي ورتي ۽ ان زمين جي آسپاس جيڪا ٻي زمين ھئي اھا بزرگ کي ڏنائين. اھو بزرگ ڀورل شاھہ ھو، جنھن جي نالي سان اھا ڀور ڍنڍ سڏجي ٿي.


لفظ ڀور ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو